اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) واپار وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ۾ نيدرلينڊز جي عهدو ڇڏيندڙ سفير هيني فوڪل ڊي فريز الوداعي ملاقات ڪئي. ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي پاڪستان ۽ نيدرلينڊز وچ ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري، لاجسٽڪس تعاون ۽ ثقافتي هم آهنگي کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ زراعت، گرين انرجي ۽ ڊجيٽل خدمتن جهڙن شعبن ۾ گڏيل …
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان نيدرلينڊز جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي الوداعي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) واپار وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ۾ نيدرلينڊز جي عهدو ڇڏيندڙ سفير هيني فوڪل ڊي فريز الوداعي ملاقات ڪئي. ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي پاڪستان ۽ نيدرلينڊز وچ ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري، لاجسٽڪس تعاون ۽ ثقافتي هم آهنگي کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ زراعت، گرين انرجي ۽ ڊجيٽل خدمتن جهڙن شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ واپاري ناتن کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڀريو ويو. وفاقي وزير پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ، آفريقا وچ ايشيا ۽ نار ويجهو هجڻ کي عالمي مارڪيٽن تائين رسائيءَ لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ برتري قرار ڏنو. هن چيو ته حڪومت نار تعاون ڪائونسل سان آزاد واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي حتمي شڪل ڏين جي ويجهو آهي جيڪو پاڪستاني ڪاروبارن کي 12 اهم مارڪيٽن تائين پهچ فراهم ڪندو. سفير فريز چيو ته ماضيءَ جي ڏُکيائين باوجود ڊچ ڪاروباري حلقن جي پاڪستان ۾ دلچسپي وڌي رهي آهي. هن خاص طور تي فرائيز لينڊ ڪيمپينا جهڙن ادارن جي پاڪستان ۾ ڊگهي مُدي جي موجودگيءَ جو ذڪر ڪيو. وفاقي وزير حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين، ڪاروباري آسانيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ پرڏيهي ڪمپنين لاءِ پاليسي معاونت کي يقيني بنائڻ جي ترجيحن تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان انهن ڪمپنين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي جيڪي مقامي روزگار، جدت ۽ روانگي واپار جو ذريعو بڻجندا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي لاجسٽڪس جي جديد ڪاري جي ڪوششن ۽ ڊچ مهارت جي امڪانن خاص ڪري بندرگاهي انفراسٽرڪچر، سپلاءِ چين جي بهتري ۽ زرعي صنعت تي ٻَڌل جدت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير نيدرلينڊز، جرمني ۽ بيلجيئم ۾ ٽريڊ روڊ شو جي بندوبست جي تجويز ڏني ته جيئن يورپي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪري سگهجي ۽ پاڪستاني شين جي موجودگي کي وڌائي سگهجي. ملاقات ۾ ڊچ- پاڪستاني ڪاروباري ڌُرين جي وڌندڙ ڪردار کي ساراهيو ويو. سفير چيو ته ٻي ۽ ٽين نسل جي پاڪستاني ڄاوا نيدرلينڊز ۾ رهندڙ هاڻ ٻنهي معيشتن جي وچ ۾ واپاري رابطن ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن پاڪستان جي نوجوان ڪاروباري ماڻهن جي جذبن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته يورپي ماڻهن تائين پاڪستان جي صلاحيت کي تسلسل سان اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان عهدو ڇڏيندڙ سفير کي مقامي ڪاريگرن جي تيار ڪيل هڪ خوبصورت مٽيءَ جو ٿانوَ تحفي طور پيش ڪيو جيڪو پاڪستان جي قديمي ثقافتي ورثي جي نمائندگي ڪري ٿو.











