اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان …
صدر پاران بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان جي ترقي ۽ مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران بلوچستان جي وڏي وزير صدر آصف علي زرداري کي صوبي ۾ امن امان ۽ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. صدر بلوچستان ۾ امن امان وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوامي ڀلائي، بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته بلوچستان جي عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن.











