بار ايسوسيئيشن جي سياست کي بارز تائين محدود رکڻ گهرجي ته جيئن عدليه ۽ وڪيلن جو ادارو غير جانبدار سڃاڻپ برقرار رکي سگهي: وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ملتان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سميت ڏکڻ پنجاب جي بار ايسوسيئيشنز جي وفدن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وڪيلن جي ڀلائي ۽ ترقي، بار ايسوسيئيشنز کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي موثر حل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملتان هاءِ ڪورٽ بار جي صدر وڪيل برادري لاءِ ڪيل حڪومتي قدمن تي قانون واري وزير …

اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ملتان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سميت ڏکڻ پنجاب جي بار ايسوسيئيشنز جي وفدن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وڪيلن جي ڀلائي ۽ ترقي، بار ايسوسيئيشنز کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي موثر حل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملتان هاءِ ڪورٽ بار جي صدر وڪيل برادري لاءِ ڪيل حڪومتي قدمن تي قانون واري وزير جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته قانون واري وزارت جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. گذريل ڏينهن قانون ۽ انصاف واري وزارت مان جاري بيان موجب قانون واري وفاقي وزير سمورن نمائندن سان ڳالهائيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بار ايسوسيئيشن جي سياست کي بارز تائين محدود رکيو وڃي ته جيئن عدليه ۽ وڪيلن جو ادارو غير جانبدار ۽ خودمختيار حيثيت برقرار رکي سگهي. هن چيو ته قانون واري وزارت وڪيلن جي ڀلائي ۽ ترقي کي پنهنجي ترجيحن ۾ سرفهرست رکي ٿي ۽ انهن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اي لائبريريز ۽ سولرائيزيشن پراجيڪٽس پنجاب حڪومت جي تعاون سان جاري آهن. ڪورٽ فيس جو پراڻو مسئلو پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي هدايت تي حل ڪيو ويو آهي. ملاقات ۾ شجاع آباد، جهانيان، لوڌران، دنيا پور، ڊيره غازي خان ۽ ٻين بار ايسوسيئيشنز جي صدرن ۽ نمائندن به شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ وڪيلن کي درپيش مسئلن کان قانون واري وزير کي آگاهه ڪيو. سينيٽر اعظم نذير تارڙ سمورن بار جي نمائندن کي خاطري ڪرائي ته سندن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو ۽ بارز سان رابطي ۾ وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو.

مزید خبریں