جنيوا-31 جولاءِ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته دنيا هن وقت ڦهلجندڙ تڪرارن، وڌندڙ اقتصادي، عدم استحڪام، موسمياتي تبديلين، عدم مساوات ۽ انساني حقن جي پائمالين جهڙن سنگين مسئلن ۾ ورتل آهي، فلسطين ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن کان انڪار ڪيو پيو وڃي، اهڙي پيچيده صورتحال ۾ عالمي ۽ علائقائي پارليامينٽن جو ڪردار نهايت …
جنيوا ۾ رٿيل عالمي ڪانفرنس انصاف، امن ۽ مساوات کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
جنيوا-31 جولاءِ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته دنيا هن وقت ڦهلجندڙ تڪرارن، وڌندڙ اقتصادي، عدم استحڪام، موسمياتي تبديلين، عدم مساوات ۽ انساني حقن جي پائمالين جهڙن سنگين مسئلن ۾ ورتل آهي، فلسطين ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن کان انڪار ڪيو پيو وڃي، اهڙي پيچيده صورتحال ۾ عالمي ۽ علائقائي پارليامينٽن جو ڪردار نهايت اهم ۽ فيصلائتو آهي. ڪالهه پارلياماني اسپيڪرز جي ڇهين عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين موجوده عالمي چئلينجز، پارليامينٽن جي ڪردار ۽ پاڪستان جي عزم تي تفصيلي روشني وڌي. سينيٽ چيئرمين چيو ته بهتر مستقبل طرف وڌڻ لاءِ هي عالمي پليٽ فارم انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا هن وقت ڦهلجندڙ تڪرارن، وڌندڙ اقتصادي، عدم استحڪام، موسمياتي تبديلين، عدم مساوات ۽ انساني حقن جي پائمالين جهڙن سنگين مسئلن ۾ ورتل آهي. هن چيو ته دنيا ۾ عوام ۽ رياستي ادارن وچ ۾ اعتماد جي کوٽ وڌي رهي آهي جڏهن ته عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ انساني قدرن جي پائمالي جا واقعا به رونما ٿي رهيا آهن. هن خاص طور تي فلسطين ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن کان انڪار طرف سينيٽ چيئرمين عالمي برادريءَ جو ڌيان ڇِڪرايو. هن چيو ته والاريل ڪشمير جو عوام گذريل 75 سالن کان خوداراديت واري حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. سينيٽ چيئرمين پاڪستان جي پارليامينٽ هميشه امن، ترقي ۽ بين الپارلياماني تعاون کي هٿي ڏني آهي. سينيٽ عورتن ۽ نوجوانن جي ڀرپور نمائندگي کي يقيني بنايو آهي. سينيٽ چيئرمين پنهنجي وزارتِ عظميٰ واري دؤر ۾ شروع ڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ذڪر ڪندي چيو ته هي پروگرام پاڪستان جو هڪ مثالي سماجي تحفظ جو نظام آهي جنهن جو مقصد غربت جي خاتمي ۽ محروم طبقن کي سهارو ڏيڻ آهي. هن چيو ته هو سينيٽ چيئرمين طور ۽ انٽرا پارليامينٽري اسپيڪرز ڪانفرنس جي باني، پارلياماني سفارتڪاري کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ پارليامينٽن وچ ۾ رابطن کي گڏيل چئلينجز جي حل لاءِ اڻٽر سمجهي ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان هلندڙ سال 11 ۽ 12 نومبر تي اسلام آباد ۾ اسپيڪرز ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو ۽ ان موقعي تي هن سمورن پارلياماني سربراهن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته جنيوا ۾ رٿيل اها عالمي ڪانفرنس انصاف، امن ۽ مساوات کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. سينيٽ چيئرمين ڪمبوڊيا ۽ ٿائلينڊ وچ ۾ امن جي قيام لاءِ ملائيشيا جي ڪردار کي ساراهيو، جڏهن ته ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ تي انتظام سنڀاليندڙن ۽ لاڳاپيل عملدارن جي ڪوششن کي به خراجِ تحسين پيش ڪيو.











