قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران رموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ تي قوم، انجنيئرن ۽ سائنسدانن کي مبارڪون

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق رموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ تي خوشي جو اظهار ڪندي پوري قوم، انجنيئرن ۽ سائنسدانن کي مبارڪون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن اسپارڪو جي ٽيم کي تاريخي ڪاميابي تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چين جي تعاون تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪ- چين دوستي جو هڪ ٻيو …

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق رموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ تي خوشي جو اظهار ڪندي پوري قوم، انجنيئرن ۽ سائنسدانن کي مبارڪون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن اسپارڪو جي ٽيم کي تاريخي ڪاميابي تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چين جي تعاون تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪ- چين دوستي جو هڪ ٻيو روشن باب رقم ٿيو، سيٽلائيٽ جو مدار ۾ پهچڻ پاڪستان جو سائنس جي ميدان ۾ وڏي ڪاميابي جو ثبوت آهي. هن چيو ته رموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ اسپيس ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستان جي اهم ڪاميابي آهي.

مزید خبریں