سرينگر-31 جولاءِ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس اتان جي ماڻهن تي زور ڀريو آهي ته اهي مودي حڪومت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي علائقي جي خاص حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي غير قانوني قدمن خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ 5 آگسٽ تي مڪمل هڙتال ڪن ۽ ان ڏينهن کي يوم استحصال ڪشمير طور ملهائين. ڪشمير ميڊيا سروس موجب …
5 آگسٽ يوم استحصال ڪشمير طور ملهايو ويندو، حريت ڪانفرنس هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو

مزید خبریں
سرينگر-31 جولاءِ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس اتان جي ماڻهن تي زور ڀريو آهي ته اهي مودي حڪومت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي علائقي جي خاص حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي غير قانوني قدمن خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ 5 آگسٽ تي مڪمل هڙتال ڪن ۽ ان ڏينهن کي يوم استحصال ڪشمير طور ملهائين. ڪشمير ميڊيا سروس موجب نريندر مودي جي سربراهي ۾ قائم ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي گڏيل قومن جي ٺهرائڻ ۽ عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي ڀارتي آئين جي 370 ۽ 35 اي جون شقون ختم ڪري ڇڏيون هيون، جنهن تحت ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير کي خاص حيثيت حاصل هئي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس جاري هڪ بيان ۾ ماڻهن تي زور ڀريو ته هو 5 آگسٽ تي مڪمل هڙتال ڪن ته جيئن دنيا کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڪشميري ڀارت جي غير قانوني قدمن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي کي تسليم نه ڪندا. ِٻئي پاسي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ۽ مختلف آزادي پسند تنظيمن سرينگر ۽ والاريل وادي ڪشمير جي ٻين علائقن ۾ پوسٽر لڳايا آهن جن تي آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ڀارتي قدمن کي رد ڪندي انهن کي واپس ڪرڻ، سياسي نظربندن جي آزادي ۽ ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل بابت نعرا لکيل آهن.











