اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ گهانا جي دوستاڻي لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي واپاري ۽ معاشي رابطن ۾ فروغ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري گهانا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير …
پاڪستان ۽ گهانا ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن ۾ فروغ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ گهانا جي دوستاڻي لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي واپاري ۽ معاشي رابطن ۾ فروغ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري گهانا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير نجيب دراني سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ گهانا جي دوستاڻي لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپاري ۽ معاشي لاڳاپن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪاروباري موقعن جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري ٿو. صدر نامزد سفير کي هدايت ڪئي ته هو گهانا جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪري ۽ پاڪستان ۽ گهانا جا اداراجاتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته گهانا جي سفارتڪارن ۽ انجنيئرز جي پاڪستان ۾ تربيت خوش آئنده آهي. آصف علي زرداري سفير نجيب دراني کي نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.











