مصنوعي ذهانت واري پاليسي تحت نوجوانن کي مالي سهڪار فراهم ڪري انوويشن آئيڊياز ۽ اسٽارٽ اپس کي هٿي ڏني ويندي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ملڪ جي پهرين جامع مصنوعي ذهانت پاليسي انوويشن ايڪو سسٽم کي هٿي ڏيڻ، سپورٽ فنڊ قائم ڪرڻ، مصنوعي ذهانت بابت آگاهي، سائبر سيڪيورٽي، برابر موقعن جي فراهمي ۽ عالمي حصيداري تي ٻڌل آهي. ان پاليسي تحت نوجوانن کي مالي سهڪار فراهم ڪري انوويشن آئيڊياز ۽ اسٽارٽ اپس کي هٿي ڏني ويندي، …

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ملڪ جي پهرين جامع مصنوعي ذهانت پاليسي انوويشن ايڪو سسٽم کي هٿي ڏيڻ، سپورٽ فنڊ قائم ڪرڻ، مصنوعي ذهانت بابت آگاهي، سائبر سيڪيورٽي، برابر موقعن جي فراهمي ۽ عالمي حصيداري تي ٻڌل آهي. ان پاليسي تحت نوجوانن کي مالي سهڪار فراهم ڪري انوويشن آئيڊياز ۽ اسٽارٽ اپس کي هٿي ڏني ويندي، شهرين کي مصنوعي ذهانت بابت آگاهي پيدا ڪئي ويندي ۽ کين ان لاءِ برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا. اهڙو اظهار هن وفاقي ڪابينا طرفان منظور ڪيل قومي مصنوعي ذهانت پاليسي جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا مان اي آءِ پاليسي جي منظوري تي پوري قوم خاص ڪري نوجوانن کي مبارڪون پيش ڪريان ٿي. پاڪستان هي تاريخي سنگ ميل حاصل ڪيو آهي، هي پاليسي صرف ٽيڪنالاجي جي دور ۾ شامل ٿيڻ جو حصو ناهي پر اهو هڪ انقلابي قدم آهي جيڪو پاڪستان کي اسريل ملڪ جي صف ۾ شامل ڪندو. هن چيو ته مصنوعي ذهانت رڳو ٽيڪنالاجي يا آءِ ٽي جي شعبي سان ڳنڍيل ناهي پر زندگي جي سمورن شعبن، صحت، تعليم، صنعت ۽ واپار، معيشت سميت ٻين شعبن ۾ انقلاب آڻي رهي آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان جو هر شهري مصنوعي ذهانت جي فائدن مان فائدو حاصل ڪري. هن چيو ته قومي مصنوعي ذهانت پاليسي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڊجيٽل پاڪستان ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم محمد شهباز شريف معيشت، آءِ ٽي ۽ گورننس سميت سمورن شعبن ۾ ڊجيٽل انقلاب آڻڻ جو هدف ڏنو آهي، ان حوالي سان قومي مصنوعي ذهانت پاليسي اهم آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت پاليسي جا 6 ٿنڀ آهن جن ۾ انوويشن ايڪو سسٽم کي هٿي ڏيڻ ۽ ان لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ آهي جنهن ذريعي خاص طور تي نوجوانن کي مالي سهڪار فراهم ڪيو ويندو. انهن جي انوويشن آئيڊياز ۽ اسٽارٽ اپس کي هٿي ڏني ويندي، انوويشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ نوجوانن لاءِ سيڙپڪاري تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته آگاهي ۽ تياري ان پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي. مصنوعي ذهانت ۽ ان جي استعمال بابت آگاهي هر شهري لاءِ ضروري آهي، مصنوعي ذهانت جي حوالي سان اسان اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ علم کي هٿي ڏيڻ سميت نوڪري پيشه ۽ ڪاروباري ماڻهن کي به تعليم ڏينداسين، اسان هنرمند افرادي قوت پيدا ڪنداسين. هن چيو ته صنعتن ۾ آٽوميشن ۽ اي آءِ جي ڪردار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ان شعبي ۾ اسان کي مصنوعي ذهانت کي هٿي ڏيڻ لاءِ تياري جي ضرورت آهي. اهڙي طرح گورننس لاءِ به اسان کي مصنوعي ذهانت تي ڀاڙڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته دنيا جي جاب مارڪيٽ مصنوعي ذهانت سبب تبديل ٿي رهي آهي. ان پاليسي تحت اها ڳالهه يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي ته اسان جا نوجوان حال ۽ مستقبل ۾ روزگار جي موقعن مان فائدو کڻي سگهن. هن چيو ته اسان محفوظ اي آءِ تي عمل ڪنداسين جنهن تحت شهرين جي ڊيٽا جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، جنهن لاءِ سائبر سيڪيورٽي تمام اهم آهي. جيئن جيئن ڊجيٽلائيزيشن وڌي رهي آهي اهڙي طرح سائبر سيڪيورٽي جا چئلينجز سامهون اچي رهيا آهن، اسان نوجوانن ۽ عورتن سميت شهرين جي سائبر سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جنهن جي ان پاليسي تحت منصوبابندي ڪئي وئي آهي.شزه فاطمه چيو ته ملڪ ۾ مصنوعي ذهانت جي ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪري ٽرانسفارميشن ۽ ايووليشن آڻينداسين، سمورن شهرين کي برابر موقعن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، اسان ڊجيٽل ورلڊ کان مصنوعي ذهانت جي دنيا ۾ منتقل ٿي رهيا آهيون، ان ۾ ڪا به گنجائش ناهي ته اسان جو ڪو به شهري مصنوعي ذهانت يا ٽيڪنالاجي کان پوئتي رهجي ويندو، ان جامع پاليسي تحت هر شهري جي منصوعي ذهانت ۽ ان جي ٽيڪنالاجي تائين پهچ يقيني بڻائي ويندي.هن چيو ته مصنوعي ذهانت لاءِ بنيادي ڍانچو اهم ٿنڀ آهي، ان ۾ ڊيٽا سينٽر ۽ ڪلائوڊ سميت ٻيون شيون شامل آهن، ان سان مصنوعي ذهانت جي حوالي سان صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي، ان حوالي سان به پاليسي ۾ مڪمل منصوبابندي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته پاڪ چائنا ڊيٽا ٽرانزٽ کي فعال ڪيو ويو آهي، پاڪستان هڪ ڊيٽا ٽرانزٽ حب بڻجي رهيو آهي. وچ اوڀر ۽ چين جهڙن ملڪن کي اسان ڊيٽا ڪيبل ذريعي دنيا جي ٻين ملڪن سان ڳنڍيون ٿا. حڪومت ان حوالي سان لا اينڊ لينگوئيج ماڊل تي ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته اسان پنهنجي قومي سالميت، ثقافتي ۽ معاشرتي ۽ مذهبي قدرن جو تحفظ ڪنداسين، ان ماڊل سان اسان کي پنهنجو نظريو مختلف رخن سان پيش ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اسان کي ذميواراڻي انداز ۾ ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ان پاليسي تحت عالمي سهڪار کي هٿي ڏني ويندي، مختلف ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۽ اهم ملڪن سان حصيداري ڪئي ويندي جنهن تحت پنهنجي مصنوعي ذهانت جي ايجنڊا تي اڳتي وڌائينداسين.

مزید خبریں