اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام، برٽش اي اسپورٽس فيڊريشن ۽ ڪامن ويلٿ سيڪرٽريٽ وچ ۾ پاڪستان ۾ اي اسپورٽس کي هٿي وٺرائڻ ۽ اي اسپورٽس فيڊريشن جي قيام لاءِ مفاهمتي ياداشت نامي تي صحيحيون ڪيون ويون. مفاهمتي ياداشت نامي جو مقصد پاڪستان جي پهرين قومي اي اسپورٽس پاليسي جي جوڙجڪ، نوجوانن جي شموليت ، ڊجيٽل مهارتن جي ترقي ۽ جديد روزگار جي موقعن ۾ اضافو ڪرڻ آهي. قومي اسيمبلي …
ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ پاران پاڪستان ۾ اي اسپورٽس کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين

مزید خبریں
اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام، برٽش اي اسپورٽس فيڊريشن ۽ ڪامن ويلٿ سيڪرٽريٽ وچ ۾ پاڪستان ۾ اي اسپورٽس کي هٿي وٺرائڻ ۽ اي اسپورٽس فيڊريشن جي قيام لاءِ مفاهمتي ياداشت نامي تي صحيحيون ڪيون ويون. مفاهمتي ياداشت نامي جو مقصد پاڪستان جي پهرين قومي اي اسپورٽس پاليسي جي جوڙجڪ، نوجوانن جي شموليت ، ڊجيٽل مهارتن جي ترقي ۽ جديد روزگار جي موقعن ۾ اضافو ڪرڻ آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي فوڪل پرسن آمنه بتول برٽش اي اسپورٽس ۽ ڪامن ويلٿ سيڪرٽريٽ جي نمائندن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيرعظم محمڊ شهباز شريف اي اسپورٽس کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙيو آهي جنهن ۾ اسپورٽس تعليم سميت ٻين شعبن جي نمائندگي آهي. نوجوان موبائل گيمز ذريعي پئسا ڪمائي رهيا آهن ان عمل کي باضابطه بڻائڻ ۽ قانوني شڪل ڏيڻ تي اسان جو ڌيان آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام، برٽش اي اسپورٽس فيڊريشن ۽ ڪامن ويلٿ سيڪرٽريٽ وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت نامي جو مقصد پاڪستان ۾ اي اسپورٽس کي هٿي وٺرائڻ ۽ اي اسپورٽس فيڊريشن جي قيام ۾ سهڪار فراهم ڪرڻ آهي .ان موقعي تي ڊپٽي سيڪريٽري وزيراعظم يوٿ پروگرام محمد علي چيو ته ملڪ ۾ سمورين ڌرين جي صلاح مشوري سان پهرين اي اسپورٽس ڪاميٽي جوڙي پئي وڃي . ان مفاهمت جي ياداشت نامي ذريعي اي اسپورٽس کي هٿي ملندي ۽ پاڪستان ۾ اي اسپورٽس جي قيام ۾ مدد ملندي.ان موقعي تي ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ جي نمائندي لين رابنسن پاڪستان ۾ اي اسپورٽس کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو .











