اسلام آباد – 30 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرڏيهي وزارت، ريلوي واري وزارت ۽ توانائي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته سمورا وزير قابل احترام آهن، هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وزارتن ۾ صحتمند مقابلا ٿيڻ گهرجن، سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ غزه جي حوالي سان ڀرپور موقف دنيا آڏو رکنداسين ۽ پاڪستان جو ان بابت سگهارو آواز …
وزيراعظم پاران پرڏيهي ، ريلوي ۽ توانائي وارين وزارتن جي ڪارڪردگي جي واکاڻ

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرڏيهي وزارت، ريلوي واري وزارت ۽ توانائي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته سمورا وزير قابل احترام آهن، هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وزارتن ۾ صحتمند مقابلا ٿيڻ گهرجن، سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ غزه جي حوالي سان ڀرپور موقف دنيا آڏو رکنداسين ۽ پاڪستان جو ان بابت سگهارو آواز هوندو، ان جي حق ۾ آواز اٿاريندڙن جي آواز ۾ پاڪستان پنهنجو ڀرپور آواز شامل ڪندو، غزه تي اسان جو موقف واضح ۽ قوم هڪ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا ۾ شروعاتي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته تازن ڏينهن ۾ پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ شديد برساتون ٿيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي جانيون الله کي پياريون ٿي ويون هيون ۽ ڪيترين ئي جاين تي ماڻهن جا گهر لُڙهي ويا، گلگت خاص طور تي بلتستان ۾ ديامير جي علائقي ۾ ۽ ٻين جابلو علائقن ۾ ٻوڏ آئي جتي گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا ۽ پنجاب ۾ به برساتن جو تمام گهڻو اثر ٿيو، سنڌ به ڪنهن حد تائين متاثر ٿي. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح دهشتگردي جي خلاف سڄي ملڪ خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ جيڪي ڏينهن رات قربانيون ڏنيون پيون وڃن، اسان جا آفيسر، جوان ۽ شهري شهيد ٿي رهيا آهن. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير انهن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪرائي. وزيراعظم چيو ته بجلي جي کاتي ۾ جيڪي انقلابي تبديليون آنديون ويون آهن، ان حوالي سان پوري ڪابينا کي بريفنگ ڏني وڃي، اهو هڪ انقلابي ڪم ٿيو آهي، ان ۾ توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، سيڪريٽري ۽ سندس پوري ٽيم، ٽاسڪ فورس جن ۾ اسان جي نجڪاري واري چيئرمين محمد علي ۽ ان جي ٻين ميمبرن تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ آءِ پي پيز سان جيڪي ڳالهيون ٿيون آهن، ان ۾ اسان جي سپهه سالار ۽ سندس ٽيم زبردست ڪوششون ڪيون، هن انتهائي ڪاميابي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان سان به ڪيترائي سئو ارب رپين جو خزاني کي فائدو ٿيو. ڊسڪوز جي حوالي سان قدمن سان ڪيترائي سئو ارب رپين جي نقصان جي بچت ٿي آهي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته هتي موجود هر وزير ٻئي کان اڳتي نڪري، مون کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي پر جڏهن آئون ڪنهن هڪ اداري يا وزارت جو مثال هتي پيش ڪري رهيو آهيان ته دل سان ڪري رهيو آهيان ته جيئن توهان جي حوصلا افزائي ٿئي، توهان ڀرپور طريقي سان ڪم ڪريو ۽ هڪ ٻئي کان ڪارڪردگي ۾ اڳتي نڪرو، اهو هڪ صحتمند مقابلو هوندو. وزيراعظم ٻڌايو ته گذريل ڏينهن هن لاهور ريلوي اسٽيشن جو دورو ڪيو، ميان نواز شريف جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ جڏهن هو ٽرين تي اسلام آباد کان لاهور ويو هو ته مون کي آخري ڀيرو اتي وڃڻ جو موقعو مليو، حنيف عباسي جهڙي طريقي سان لاهور ريلوي اسٽيشن تي انقلابي تبديليون آڻي رهيو آهي، دل خوشي ٿي وئي، اهو ان جي چيئرمين، سيڪريٽري ۽ ان جي پوري ٽيم جي ڪوششن جو نتيجو آهي، ٽرين جي ٽڪيٽ جو نظام مڪمل ڊيجيٽائيز آهي، اتي باقاعده ڊائننگ هال ٺاهيو آهي، عام مسافرن جي لاءِ ايئرڪنڊيشنڊ جو نظام آهي، اهو ڪنهن اشرافيه جي لاءِ نه آهي، عام مسافرن جي لاءِ آهي، انهن ڪيبنز ٺاهيا آهن جيڪي تمام شاندار آهن، اتي انهن جي عملي کي يونيفارم پهريل هئي، مون کي اميد آهي ته اهو ماڊل پوري پاڪستان ۾ هر جڳهه لاڳو ڪنداسين. هن چيو ته اتي آجياڻي جو تمام اعليٰ نظام هو ۽ باقاعده انتظارگاهون ٺاهيون ويون آهن، چانهه، ڪافي پيسٽريز، سنيڪس اتي دستياب آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته الله ڪري اهو جيڪو ڪالهه نمونو ڏٺو آهي اهڙي طرح پوري پاڪستان ۾ اهو نظام هجي. هن چيو ته پوري ڪابينا منهنجي لاءِ احترام جوڳي آهي، اڄ دنيا ۾ پاڪستان کي الله تعاليٰ جيڪڏهن عزت ڏني آهي، تازو ئي پاڪستان ڪنوينشنل جنگ کٽي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، الله ملڪ کي عزت بخشي، پوري قوم متحد ٿي، فيلڊ مارشل فرنٽ تان قيادت ڪئي جڏهن ته پاڪ فضائيه ڪمال ڪري ڏيکاريو. وزيراعظم چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آمريڪا جو ڪامياب دورو ڪري واپس وريو آهي، هن آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات ڪئي، فرانس، ۽ سعودي عرب جي غزه تي گڏيل ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي ۽ ڀرپور آواز اٿاريو، غزه ۾ اسرائيلي گهيراءُ ۽ ظلم مذمت جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي ٻه ڪنسائنمنٽس اردن ۽ مصر جي رستي غزه پهچايون وڃن. وزيراعظم چيو ته غزه م ظلم فوري بند ٿيڻ گهرجن، سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان بابت پنهنجو ڀرپور موقف پيش ڪندو، هتي ظلم فوري بند ٿيڻ گهرجن، ان سلسلي ۾ آواز اٿاريندڙ ملڪن سان گڏجي ڀرپور موقف ڏينداسين، پاڪستان پاران هڪ سگهارو آواز اٿارينداسين.











