اسلام آباد – 30 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن ۽ حڪومت جي وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي تحت کنڊ جي طئي ٿيل قيمت تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي سختي سان هدايت ڪندي چيو آهي ته معاهدي جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ …
وزيراعظم پاران کنڊ جي طئي ٿيل قيمت تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي سختي سان هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن ۽ حڪومت جي وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي تحت کنڊ جي طئي ٿيل قيمت تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي سختي سان هدايت ڪندي چيو آهي ته معاهدي جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ کنڊ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن ۽ حڪومت جي وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي تحت 165 رپيا ايڪس مل قيمت ۽ 173 رپيا ريٽيل قيمت تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي انهن قيمتن کان وڌيڪ قيمتون وصول ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي به عوام جي معاشي استحصال جي هرگز اجازت نه ڏينداسين. عملدارن وزيراعظم کي ٻڌايو ته کنڊ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن جي خلاف ڪارروايون جاري آهن.











