اسلام آباد – 30 – جولاءِ (اي پي پي) پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) سرڪاري خريداري جي قانونن، ڊيجيٽل پروڪيورمنٽ نظام ۽ اداراجاتي سڌارن جي عمل کي تيز ڪندي وزيراعظم جي سڌاراجاتي ايجنڊا جي تڪميل جي ڪوششن کي وڌيڪ موثر بڻائي ڇڏيو آهي. اها ڳالهه پيپرا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر حسنات احمد قريشي ورلڊ بئنڪ جي وفد کي بريفنگ ڏيندي چئي. وفد جي قيادت وچ اوڀر، اتر آفريقا، افغانستان ۽ پاڪستان …
گذريل مالي سال دوران 1308 ارب جي ماليت جا 522000 کان وڌيڪ معاهدا پيپرا ذريعي طئي ٿيا: حسنات احمد قريشي
اسلام آباد – 30 – جولاءِ (اي پي پي) پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) سرڪاري خريداري جي قانونن، ڊيجيٽل پروڪيورمنٽ نظام ۽ اداراجاتي سڌارن جي عمل کي تيز ڪندي وزيراعظم جي سڌاراجاتي ايجنڊا جي تڪميل جي ڪوششن کي وڌيڪ موثر بڻائي ڇڏيو آهي. اها ڳالهه پيپرا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر حسنات احمد قريشي ورلڊ بئنڪ جي وفد کي بريفنگ ڏيندي چئي. وفد جي قيادت وچ اوڀر، اتر آفريقا، افغانستان ۽ پاڪستان جي ريجنل پروڪيورمنٽ مئنيجر ماجدال بياع ڪري رهيو هو. پيپرا جي ايم ڊي ٻڌايو ته وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا جي هدايتن تحت پيپرا پنهنجي ريگيوليٽري فريم ورڪ ۾ نمايان سڌارا ڪيا آهن. اٿارٽي نه رڳو پيپرا آرڊيننس 2002ع ۾ ترميمن کي حتمي شڪل ڏني آهي پر سرڪاري ادارن، سپلائرز، مقامي ۽ غيرملڪي قانوني ماهرن جي مشاورت سان پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2025ع جو مسودو پڻ تيار ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته نون قاعدن ۾ شڪايتن جي ازالي جي لاءِ هڪ آزاد ۽ موثر مڪينزم، خريداري جي عمل ۾ شفافيت جي لاءِ ٿرڊ پارٽي جي شموليت، سرڪاري ادارن ۾ خريداري سيلز ۽ آفيسرن جي واضح ڪردار، بليڪ لسٽنگ ۽ تڪرارن جي حل جي لاءِ متبادل نظام جهڙا قدم شامل آهن. هن چيو ته اسان اهڙو ريگيوليٽري ۽ ڊيجيٽل نظام جوڙي رهيا آهيون جيڪو ڪارڪردگي تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ شفافيت کي يقيني بڻائيندو ۽ سرڪاري خريداري جي عمل کي عالمي طريقيڪار موجب هم آهنگ بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اي پروڪيورمنٽ يا اي پيڊز کي سڌاراجاتي ايجنڊا جو اهم جز قرار ڏيندي هن ٻڌايو ته هن وقت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي 8480 کان وڌيڪ ادارا اي پيڊز جو استعمال ڪري رهيا آهن جڏهن ته 34500 کان وڌيڪ سپلائرز ۽ ڪانٽريڪٽرز هتي رجسٽرڊ آهن، گذريل مالي سال دوران 522000 کان وڌيڪ معاهدا جن جي ماليت 1308 ارب رپيا آهي، ان پليٽ فارم جي ذريعي طئي ٿيا. پليٽ فارم ۾ نيون سهولتون شامل ڪيون ويون آهن جن ۾ اي – سبميشن، اي – ڊسپوزل، نيب ۽ چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان جي ڊيش بورڊز، نادرا سان بائيو ويري فڪيشن جي لاءِ حصيداري، عوام جي لاءِ ڊيش بورڊ، اٿارٽي جي نئين ويب سائيٽ جهڙا قدم شامل آهن، جڏهن ته اي پيڊ هيلپ ڊيسڪ کي صبح ساڍي 8 وڳي کان رات ساڍي 11 وڳي تائين فعال ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته اي پيڊز جي دائري کي وڌائيندي ان کي سال جي آخر تائين آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ فعال ڪيو ويندو، ادائيگي جي نظام کي خودڪار بڻائڻ ۽ اي پيڊز ۾ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ماڊيولز شامل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن. حسنات قريشي آگاهه ڪيو ته اٿارٽي اداري ۾ نئين ماهرن ۽ اسپيشلسٽ جي ڀرتي ڪئي آهي ته جيئن پيپرا جي مينڊيٽ ۾ وسعت سان اداراجاتي سڌارن کي يقيني بڻائي سگهجي. وڌيڪ اهو ته تربيت ۽ صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ پيپرا گذريل هڪ سال دوران 46 تربيتي سيشنز ۾ 1600 کان وڌيڪ سرڪاري اهلڪارن ۽ پروفيشنلز کي اي پيڊز ۽ خريداري قانونن بابت تربيت ڏني آهي. هن ٻڌايو ته اٿارٽي عالمي پارٽنرز جهڙوڪ عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ يو اين ڊي پي سان گڏجي ماهرن جي لاءِ تربيتي ماڊيولز، آن لائين لرننگ پليٽ فارم ۽ ايڪريڊيٽيشن جو نظام تيار ڪري رهي آهي، عالمي بئنڪ جي وفد پيپرا جي سڌاراجاتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاليسي معاملن، ڊيجيٽل نظام جي لاڳو ۽ صلاحيت جي لاءِ جاري سرگرمين ۾ اٿارٽي کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.












