ڀارت وانگر انهن جي پراڪسيز کي به هائبرڊ جنگ ۾ ان ئي انجام ۽ ذلت کي مُنهن ڏسڻو پوندو: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير

راولپنڊي-30 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري) چيو آهي ته حق جي ويڙهه ۾ ڀارت کي ڏنل شڪست وانگر انهن جي پراڪسيز فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان کي به هائبرڊ جنگ ۾ ان ئي طرح جي انجام ۽ ذلت جو مُنهن ڏسڻو پوندو، دهشتگرديءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومي ردِعمل جي ضرورت آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري …

راولپنڊي-30 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري) چيو آهي ته حق جي ويڙهه ۾ ڀارت کي ڏنل شڪست وانگر انهن جي پراڪسيز فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان کي به هائبرڊ جنگ ۾ ان ئي طرح جي انجام ۽ ذلت جو مُنهن ڏسڻو پوندو، دهشتگرديءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومي ردِعمل جي ضرورت آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب 16هين قومي ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي آرمي چيف دهشتگردي جي لعنت کي جڙ کان ختم ڪرڻ ۽ قومي هم آهنگي ۽ انضمام لاءِ بلوچستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ پاڪ فوج جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. شرڪت ڪندڙن ۾ پارليامينٽ جا ميمبر، سول سوسائٽي جا نمائندا، سرڪاري ملازم، تعليمي ماهر، ميڊيا جا نمائندا ۽ نوجوان شامل هئا. آرمي چيف دهشتگرد پراڪسيز جي ڀارت جي کُليل سرپرستي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان کي بلوچستان جي ماڻهن جي مضبوط حب الوطني کي نشانو بنائڻ جي ناڪام ڪوشش قرار ڏنو. هن واضح ڪيو ته حق جي ويڙهه ۾ شڪست کان پوءِ ڀارت هاڻ پنهنجن ناپاڪ عزمن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجي پراڪسي جنگ کي وڌائي ڇڏيو آهي. آرمي چيف خاص طور تي فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان کي پاڪستان خلاف ڀارتي هائبرڊ جنگ جي مهرن طور استعمال ڪرڻ جو حوالو ڏنو. آرمي چيف چيو ته انهن پراڪسيز کي ان ئي طرح جي انجام ۽ ذلت کي مُنهن ڏيڻو پوندو جهڙيءَ طرح حق جي ويڙهه جي صورت ۾ ڪرڻو پيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير زور ڀريو ته دهشتگرد مذهب، فرقي يا نسل جي ڪا حد نٿا سُڃاڻين، ان لاءِ ان خطري کي مُنهن ڏيڻ لاءِ قومي سطح تي اجتماعي عزم سان متحد ٿي جواب ڏيڻ ضروري آهي. آرمي چيف بلوچستان ۾ ترقياتي قدمن جي اهميت تي روشني وڌي. هن صوبائي ۽ قومي ترقيءَ جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ادارن وچ ۾ سهڪار ۽ هم آهنگي قومي نقطه جي ضرورت تي زور ڀريو. آرمي چيف خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي قومي تياريءَ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. آرمي چيف علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ڪنهن به پرڏيهي يا اندروني خطري جو فيصلائتو جواب ڏيڻ، قومي وقار جي تحفظ ۽ پنهنجن شهرين جي فلاح ۽ بهبود کي يقيني بڻائڻ لاءِ قوم جي تياريءَ جي ضرورت تي زور ڀريو.