اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاڪ- چين فرينڊشپ سينٽر اسلام آباد ۾ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آءِ) جي انتظام هيٺ رٿيل ميڊ هيلٿ ايڪسپو ۽ سمٽ جو دؤرو ڪيو. وفاقي وزير مختلف اسٽالن جو معائنو ڪيو ۽ فارماسيوٽيڪل ۽ ميڊيڪل شعبي بابت شين کي ساراهيو. هن آر سي سي آءِ جي واپاري سرگرمين خاص …
وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاران آر سي سي آءِ هيلٿ ايڪسپو جو دؤرو
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاڪ- چين فرينڊشپ سينٽر اسلام آباد ۾ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آءِ) جي انتظام هيٺ رٿيل ميڊ هيلٿ ايڪسپو ۽ سمٽ جو دؤرو ڪيو. وفاقي وزير مختلف اسٽالن جو معائنو ڪيو ۽ فارماسيوٽيڪل ۽ ميڊيڪل شعبي بابت شين کي ساراهيو. هن آر سي سي آءِ جي واپاري سرگرمين خاص ڪري صحت ۽ فارما سيڪٽر کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار جي تعريف ڪئي. ان موقعي تي آر سي سي آءِ جي صدر عثمان شوڪت، سينيئر نائب صدر خالد فاروق قاضي، نائب صدر فهد برلاس ۽ ايگزيڪيوٽو ميمبرن وزير جي آجيان ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير آر سي سي آءِ کي ڪامياب نمائش منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته پاڪستان جون ڪمپنيون پنهنجي محبت سان ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهن ۽ ان جي عالمي سطح تي پذيرائي ٿي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت فارما انڊسٽري کي عالمي معيار موجب هٿي وٺرائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻي رهي آهي، ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان جي صنعت عالمي سطح تي قيادت ڪندي ۽ عوام کي حڪومتي منصوبن مان ڀرپور فائدو ملندو. ان ايڪسپو جو مقصد پاسڪتان جي هيلٿ ڪيئر ۽ فارماسيوٽيڪل شعبي جي روانگي واپار جي صلاحيت جو جائزو وٺڻ ۽ درپيش مسئلن کي اجاگر ڪرڻ آهي. ان موقعي تي آر سي سي آءِ جي صدر عثمان شوڪت خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان فارماسيوٽيڪل شين جي تياريءَ ۾ ماهر آهن ۽ هتي هنرمند افرادي سگهه دستياب آهي. پاڪستان معياري ۽ گهٽ قيمتن تي دوائون تيار ڪندڙ ملڪ آهي جيڪو عالمي مارڪيٽ لاءِ پُرڪشش آهي جڏهن ته هن ريگيوليٽري رڪاوٽن، تحقيق ۽ ترقي ۾ کوٽ ۽ سخت عالمي مقابلي کي اهم چئلينجز قرار ڏنو.












