بلوچستان ۾ غربت جو خاتمو پهرين ترجيح، عورتن جي ترقي ۽ خوشحالي معاشي مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي: وفاقي وزيرن جو سيمينار کي خطاب

ڪوئيٽه-30 جولاءِ (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه ۽ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجهيه قمر چيو آهي ته بلوچستان ۾ غربت جو خاتمو پهرين ترجيح، عورتن جي ترقي ۽ خوشحالي معاشي مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، غربت فقط آمدنيءَ جي کوٽ جو نالو ناهي، اها محرومي موقعن جي عدم دستيابي ۽ وسيلن تائين اڻبرابري جي رسائيءَ …

ڪوئيٽه-30 جولاءِ (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه ۽ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجهيه قمر چيو آهي ته بلوچستان ۾ غربت جو خاتمو پهرين ترجيح، عورتن جي ترقي ۽ خوشحالي معاشي مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، غربت فقط آمدنيءَ جي کوٽ جو نالو ناهي، اها محرومي موقعن جي عدم دستيابي ۽ وسيلن تائين اڻبرابري جي رسائيءَ جو نتيجو آهي. غربت جو خاتمو ۽ شموليتي ترقي اڪيلي سر ممڪن ناهي، حڪومت، عالمي ڀائيوار، سول سوسائٽي ۽ نجي شعبي وچ ۾ مربوط ڪوششن سان ئي اسان هڪ اهڙو مستقبل بڻائي سگهون ٿا جتي هر پاڪستانيءَ کي برابريءَ جا موقعا ميسر ٿين. بلوچستان ان وقت ترقي ڪندو جڏهن هِتان جي نوجوان عورتن کي مضبوط ڪيو وڃي. اهڙو اظهار هن زراعت ۾ عورت ليڊرشپ ۽ جدت جي عنوان سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل، تعليم واري صوبائي وزير راحيله حميد دراني، سينيٽر سردار عمر گورگيج، اڳوڻو سينيٽر روشن خورشيد بروچه ۽ ٻيا موجود هئا. سيد عمران شاهه چيو ته منهنجو بلوچستان جو پهريون دؤرو آهي، مان واضح ڪريان ٿو ته منهنجي ڌڙڪن بلوچستان سان گڏ ڌڙڪي ٿي. جڏهن وزارت ملي ته مون عهد ڪيو ته مڇي کائڻ نه پر پڪڙڻ سيکاريندس، ٻيو اسان کي غربت جو خاتمو ڪرڻو آهي ۽ بلوچستان ان حوالي سان پهرين ترجيح آهي. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ۾ اسان جو يقين آهي ته غربت فقط آمدني جي کوٽ جو نالو ناهي اها محرومي موقعن جي عدم دستيابي ۽ وسيلن تائين اڻبرابري پهچ جو نتيجو آهي. ان سلسلي ۾ مان پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ جي ڪوششن کي خاص طور تي اجاگر ڪرڻ چاهيندس جيڪا گروٿ فار رورل ايڊوانسمينٽ اينڊ سسٽين ايبل پراگريس پروجيٽ ذريعي ڪئي پئي وڃي. اهو 6 ساله منصوبو يورپي يونين جي مالي معاونت سان انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر جي انتظام هيٺ، ايف اي او ۽ پي پي اي ايف جي ڀائيواريءَ سان هلايو پيو وڃي، ان منصوبي جو دائرو سنڌ جي 12 ۽ بلوچستان جي 10 ضلعن سميت ملڪ جي ڪل 22 پُٺتي ۽ ضرورتمند علائقن تائين ڦهليل آهي. گراسپ جو اصل مقصد ملڪ جي ڳوٺاڻن علائقن مان غربت جو خاتمو ۽ پائيدار شموليتي معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. ان جو خاص هدف اهو آهي ته عورت ۽ مردن لاءِ هڪجهڙا آمدني ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي پيداواري صلاحيت ۽ منافعي کي وڌايو وڃي جيڪو بنيادي پيداوار، خدمتن ۽ ويليو ايڊيشن جي شعبن سان واڳيل آهن. گراسپ تحت 399 ميچنگ گرانٽس تقريبن 1.52 ارب رپين جي لاڳت سان ڏنا ويا، جن ٻهراڙيءَ وارن ڪاروبار ماڻهن کي سڌيءَ ريت فائدو پهچايو. ان منصوبي 24 مالياتي ادارن سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون، جڏهن ته 13 مالياتي ادارن کي ڪريڊٽ گارنٽي اسڪيمز فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي وزارت طرفان ان عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو ته اسان انهن ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين، سماجي نيٽ ورڪ کي وسعت ڏينداسين ۽ گراسپ جهڙن پروگرامن کي وڌيڪ ڦهلائينداسين ته جيئن اسان منصوبا بندي ۽ عزم سان ماڻهن جي زندگين کي بدلي سگهون ۽ ملڪ مان غربت جو خاتمو ڪري سگهون. وفاقي وزير ان موقعي تي سردار بهادر خان وومن يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ 200 اسڪالرشپس جو اعلان ڪيو ان کان علاوه بلوچستان لاءِ 100 وهيل چيئرز ۽ 100 سلائي مشينن جي فراهميءَ جو اعلان ڪيو آهي، في اسڪالرشپ تي ساليانو هڪ لک خرچ ايندو. ان موقعي تي مملڪتي وزير وجهيه قمر چيو آهي ته بلوچستان جو اهو چهرو پوري دنيا کي ڏيکاري رهيا آهيون جنهن تي اسان کي فخر آهي، اڄ جو ڏينهن بلوچستان جي ماڻهن جي امپاورمينٽ کي ملهائڻ جو آهي، پاڪستان ان وقت ترقي ڪندو جڏهن بلوچستان ترقي ڪندو، بلوچستان ان وقت ترقي ڪندو جڏهن هتان جي نوجوان عورتن کي امپاور ڪيو وڃي. هن چيو ته بلوچستان پاڪستان جي فوڊ باسڪٽ سان پوري دنيا جو فوڊ باسڪٽ بڻجي اُڀرندو، اسان جي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ جي تڙپ آهي، اسان کي آئيسوليشن ۾ ڪم بجاءِ ان موقعن کي واڌ ڏيڻ جي ضرورت آهي. عورتن کي اڪنامڪ ايڪو سسٽم جو حصو بڻايو وڃي، عالمي سطح تي تيل ۾ بلوچستان جي ضلعي لورالائي ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي آهي. عورتون ڪنهن کان گهٽ ناهن بس کين موقعو فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.