لاهور-29 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت مسافرن کي معياري سفري سهولتن جي فراهمي پهرين ترجيح آهي، ريلوي جي بهتريءَ لاءِ رڪارڊ ترقياتي منصوبن جي شروعات عوام دوست حڪومت جو اهڃاڻ آهي، ملڪي معيشت درست ٽريڪ تي گامزن ٿي چڪي آهي، ڪامياب سفارتڪاري عيوض عالمي سطح تي پاڪستان جي وقار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، …
وزيراعظم جي ويزن تحت ريلوي ۾ رڪارڊ ترقياتي منصوبن جي شروعات عوام دوست حڪومت جو اهڃاڻ آهي: حنيف عباسي

مزید خبریں
لاهور-29 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت مسافرن کي معياري سفري سهولتن جي فراهمي پهرين ترجيح آهي، ريلوي جي بهتريءَ لاءِ رڪارڊ ترقياتي منصوبن جي شروعات عوام دوست حڪومت جو اهڃاڻ آهي، ملڪي معيشت درست ٽريڪ تي گامزن ٿي چڪي آهي، ڪامياب سفارتڪاري عيوض عالمي سطح تي پاڪستان جي وقار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، شفافيت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. اهڙو اظهار هن لاهور ۾ اپ گريڊ پاڪ بزنس ٽرين جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ۾ ڪيو. تقريب جو خاص مهمان وزيراعظم محمد شهباز شريف هو، جڏهن ته سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ، ريلوي عملدار، سينيئر صحافي ۽ ٻيا ان موقعي تي موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته عوامي خدمت (ن) ليگ جو دستور رهيو آهي، حڪومتي قدمن عيوض ملڪي معيشت ترقيءَ طرف گامزن ۽ مهانگائي ۽ پاليسي ريٽ ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم جي بهترين حڪمت عملي سان پاڪستان جو وقار بلند ٿيو، حڪومت طرفان بهترين پرڏيهي پاليسي جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، وزيراعظم جون خدمتون ڪنهن کان لِڪل ناهن، سندس ڪاوشن سبب پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ٿيو، ڪامياب سفارتڪاري سان پاڪستان جا ٻي ملڪن سان ناتا مضبوط ٿي رهيا آهن. وفاقي وزير فتح مبين جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جي عقلمنداڻي قيادت عيوض ڀارت خلاف جنگ ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ وڙهي، ڀارت خلاف جنگ ۾ تاريخي فتح حاصل ڪئي ۽ ڀارت عالمي سطح تي شڪست کاڌي، دشمن اڄ به پنهنجا زخم چَٽي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ريلوي جي بهتري ۽ شفافيت پهرين ترجيح آهي، وزيراعظم جي قيادت ۾ فنڊز جي کوٽ باوجود قومي اداري کي ٻيهر پيرن تي بيهاري هڪ منافعي بخش ادارو بنائي ڇڏيو، هلندڙ سال پاڪستان ريلوي 93 ارب رپين کان وڌيڪ تاريخي روينيو حاصل ڪيو. ريلوي ٽريڪ جي بحاليءَ لاءِ 250 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اڄ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جو دؤرو آهي، مينوئل سسٽم کي مرحليوار ختم ڪري ريوي ريزرويشن ۽ اڪانومي نظام کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي. راولپنڊي، ڪراچي ۽ لاهور جي اسٽيشنن تي صفائي جو نظام آئوٽ سروس ۽ـ ريلوي اسٽيشنن تي مسافرن کي معياري خوراڪ جي فراهمي لاءِ فوڊ اٿارٽي سان معاهدو ڪيو آهي. هن چيو ته روهڙي کان ڪراچي ٽريڪ پوري ريلوي نظام جي شه رڳ آهي، ڪراچيءَ کان روهڙي جي ٽريڪ کي وڌيڪ بهتر بنائينداسين. لاهور کان راولپنڊي ٽريڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ پنجاب جي وزيراعليٰ فنڊز جي فراهميءَ جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته مسافرن کي تيز انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 40 ريلوي اسٽيشنن تي واءِ فاءِ لڳايا ويندا، اهڙيءَ طرح ڪوهاٽ کان ازبڪستان جي سرحد تائين 850 ڪلوميٽر ٽرڪ جي منصوبي تي پڻ ڪم جاري آهي، اهو 10 ارب رپين جو منصوبو آهي. هن چيو ته سيالڪوٽ ايڪسپريس، خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس سميت ڪيتريون ئي ٽرينون بحال ڪيون ويون آهن جڏهن ته ريلوي اسٽيشنن جي اپ گريڊيشن، ايڪسيليٽرز ۽ فرنٽ ڊيسڪز جو قيام پڻ عمل ۾ آڻي رهيا آهيون. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته 16 بئنڪن کي ريلوي جي ايپ سان ڳنڍيو ويو اهي ۽ 348 اسٽيشنن تي اي ٽي ايم مشينز لڳايون پيون وڃن. هن چيو ته ڪرپشن جو خاتمو پهرين ترجيح آهي. ملازم اداري جو قيمتي اثاثو آهن، ترقياتي منصوبن سان گڏوگڏ ريلوي ملازمن جي مسئلن کي به ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيا آهيون. هن ٻُڌايو ته پاڪ بزنس ٽرين لاهور کان ڪراچي جي وچ ۾ هلندي ۽ لاهور کان 18.5 ڪلاڪن ۾ ڪراچي پهچندي، اها ريل اڪانومي ۾ 3 ارب رپين جو حصو وجهندي ۽ 1100 مسافر اسٽيٽ آف دي آرٽ سفري سهولتن مان فائدو کڻندا. ان کان اڳ وفاقي وزير وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ ڏني.











