ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ پهريون ڀيرو بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي خساري ۾ گهٽتائي اچڻ خوش آئنده آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – 29 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ پهريون ڀيرو بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي خساري ۾ گهٽتائي اچڻ خوش آئنده آهي، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي خساري ۾ گهٽتائي سان انهن ڪمپنين جي نجڪاري جو عمل آسان ٿي ويندو، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ۽ خساري ۾ گهٽتائي آڻيندڙ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن کي …

اسلام آباد – 29 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ پهريون ڀيرو بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي خساري ۾ گهٽتائي اچڻ خوش آئنده آهي، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي خساري ۾ گهٽتائي سان انهن ڪمپنين جي نجڪاري جو عمل آسان ٿي ويندو، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ۽ خساري ۾ گهٽتائي آڻيندڙ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن کي ساراهه وارا خط موڪليا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جو خسارو 193 ارب رپيا گهٽ ٿيو آهي، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي خساري ۾ 242 ارب رپين جي بهتري آئي آهي، لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۽ ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني خساري ۾ گهٽتائي جي حوالي سان سڀ کان سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري، گردشي قرضن جو فلو 780 ارب رپيا رهيو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ پهريون ڀيرو بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي خساري ۾ گهٽتائي اچڻ خوش آئنده آهي. هن چيو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي خساري ۾ گهٽتائي سان انهن ڪمپنين جي نجڪاري جو عمل آسان ٿي ويندو. وزيراعظم پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پاور ڊويزن واري وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فخر عالم ۽ سندن ٽيم جي واکاڻ ڪندي پاور سيڪٽر سڌارن جي حوالي سان انهن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ۽ خساري ۾ گهٽتائي آڻيندڙ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن کي ساراهه وارا خط موڪلڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي پاور ڊويزن پاران بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۽ گردشي قرضن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جو خسارو 193 ارب رپيا گهٽ ٿيو آهي. لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۽ ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني خساري ۾ گهٽتائي جي حوالي سان سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي خساري ۾ 242 ارب رپين جي بهتري آئي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گردشي قرضن جو فلو 780 ارب رپيا رهيو آهي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي پاور ڊويزن جي سفارش تي نيشنل اليڪٽريسٽي پلان – اسٽريٽجڪ ڊائريڪٽو 87 ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن ترميمن تحت بجلي جي پهچ جا خرچ 12 رپيا 55 پئسا في ڪلو واٽ ۽ بڊنگ پرائيس ان ۾ شامل هوندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انڊيپنڊنٽ سسٽم اينڊ مارڪيٽ آپريٽر جي آپريشنلائيزيشن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. اهڙي طرح نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني ۽ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ مارڪيٽ آپريشنز جا ادارا جوڙيا ويا آهن.

مزید خبریں