اسلام آباد – 29 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ زمين ڌُٻڻ جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پنهنجي ۽ پاڪستاني عوام پاران متاثر خاندانن ۽ سمورن متاثر ماڻهن سان دلي تعزيت ڪريان ٿو. هن چيو ته …
وزيراعظم پاران چين ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ زمين ڌُٻڻ جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ زمين ڌُٻڻ جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پنهنجي ۽ پاڪستاني عوام پاران متاثر خاندانن ۽ سمورن متاثر ماڻهن سان دلي تعزيت ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي مختلف حصن ۾ تازي عرصي ۾ اسان به اهڙين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي، ان لاءِ اسان پنهنجي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي تڪليفن کي پوري طرح محسوس ڪريون ٿا ۽ انهن سان همدرديءَ رکون ٿا. هن چيو ته اسان کي پورو يقين آهي ته صدر شي جن پنگ جي مضبوط قيادت ۾ چيني عوام جو حوصلو ۽ اتحاد انهن کي ان مشڪل وقت مان ڪڍندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ چيني عوام سان گڏ بيٺل آهي، اسان جو مضبوط ڀائيچارو هر مشڪل ۾ اسان جو رشتو وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو.











