لاهور – 29 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين ترقيءَ جي نئين راهن تي گامزن آهن، پاڪ آمريڪا لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن، ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن ٿي چڪي آهي، ريلوي جي شاندار بحالي تي ريلوي واري وزير حنيف عباسي جي واکاڻ ڪنداسين، شڪست کاڌل ڀارت کي عالمي دنيا ۾ ذلت آميز رسوائي کي منهن ڏيڻو …
پاڪستان ۽ چين ترقيءَ جي نئين راهن تي گامزن آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
لاهور – 29 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين ترقيءَ جي نئين راهن تي گامزن آهن، پاڪ آمريڪا لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن، ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن ٿي چڪي آهي، ريلوي جي شاندار بحالي تي ريلوي واري وزير حنيف عباسي جي واکاڻ ڪنداسين، شڪست کاڌل ڀارت کي عالمي دنيا ۾ ذلت آميز رسوائي کي منهن ڏيڻو آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ اسان کي محنت ۽ ديانت کي پنهنجو شعار بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ريلوي اسٽيشن تي پاڪ بزنس ايڪسپريس ٽرين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ريلوي وارو وفاقي وزير حنيف عباسي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ريلوي عملدار ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ وڏي عرصي کانپوءِ مونکي ريلوي اسٽيشن لاهور اچي تمام گهڻي خوشي ٿي، هتي خوشگوار تبديلي ڏسڻ لاءِ ملي، پاڪستان ريلوي ۾ مثبت تبديلي نظر اچي رهي آهي، پاڪ بزنس ٽرين ۾ رڳو اشرافيه جي لاءِ ئي نه پر عام ماڻهو جي لاءِ يورپي ريلوي جي طرز تي شاندار سفري سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، ٽڪيٽ جو پراڻو نظام ختم ڪري جديد ڊيجيٽائيز سسٽم متعارف ڪرايو ويو، مسافر لائونج، آجياڻي ڊيسڪ ۽ ٽرين ۾ يورپ جي طرز تي مسافرن جي لاءِ شاندار انتظامن تي ريلوي واري وفاقي وزير کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ ٽرانسپورٽ جي سهولتن جي فراهمي ۾ ريلوي جو اهم ڪردار آهي، ريلوي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ کي ساراهيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته حنيف عباسي ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو ۽ ريلوي کي ٻيهر پيرن تي بيهاري ڇڏيو، ريلوي جي بهتري جي حوالي سان اڄ منهنجو خواب پورو ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته هي اڃا پهريون قدم آهي اڃا منزلون تمام گهڻيون آهن، ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به اهڙي طرح جون ٽرينون هلائينداسين، ادارن جي بهتري ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ اسان کي ڏينهن رات ڪم ڪرڻو آهي، محنت ۽ ديانت کي پنهنجو شعار بڻائي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهجي ٿي، دنيا کي ڏيکاري ڇڏينداسين، جيڪڏهن نيت نيڪ ۽ ارادو مضبوط هجي ته مشڪل کان مشڪل هدف به حاصل ڪري سگهجي ٿو، شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جي واکاڻ ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ريلوي جي بهتري جي لاءِ خدمتن جو ڪريڊٽ خواجه سعد رفيق ڏانهن به وڃڻ گهرجي، پي ڊي ايم جي دور ۾ خواجه سعد رفيق به ريلوي کي بهتر انداز ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، زمين آزاد ڪرائڻ ۽ ريلوي اسٽيشنز کي بهتر ڪرڻ جي حوالي سان هن مون کي ڪيترائي ڀيرا بريفنگ ڏني. قوم کي فتح جي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 9 مئي جي معرڪه حق ۾ پاڪ فوج بهادري ۽ مهارت سان دشمن جو مقابلو ڪيو، جنگ ۾ فتح کانپوءِ پاڪستان جو عالمي سطح تي وقار بلند ٿيو، دنيا ڏٺو ته ڪهڙي طرح اسان جي فضائي زميني ۽ سامونڊي فوجن بهادري، مهارت ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي تمام گهٽ وقت ۾ پنهنجي وڏي دشمن کي سبق سيکاريو، آئون هڪ هڪ لمحي جو گواهه آهيان، پاڪستان ڀارت کي جنگ ۾ تاريخي شڪست ڏني، اهو پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي جو زندهه مثال آهي. هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا چيو ته اسان جنگ روڪرائي، آمريڪي صدر جڏهن چوي ٿو ته پاڪ ڀارت جنگ اسان روڪرائي ته مودي جا زخم ٻيهر تازا ٿي وڃن ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان جا ائٽمي اثاثا قومي سلامتي جا ضامن آهن، دشمن اسان جي طرف ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي. ملڪي معاشي حالتن جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عسڪري فتح سان گڏوگڏ معاشي ميدان ۾ پڻ ڪاميابي ملي آهي، حڪومتي قدمن جي ڪري مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي، ناڻي واڌ جي شرح ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، معاشي اشارا بهتري طرف گامزن آهن. معاشي ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ معاشي ميدان ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ٿينديون. چين پاڪستان شاندار لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آمريڪا سان نئين سر لاڳاپا قائم ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف مسافر لائونج، آجياڻي ڊيسڪ سميت لاهور ريلوي اسٽيشن جي مختلف شعبن جو دورو ڪيو ۽ انتظامن کي ساراهيو. بعد ۾ هن پاڪ بزنس ايڪسپريس ٽرين جو افتتاح ڪيو ۽ ٽرين ڪوچز جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير حنيف عباسي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته پاڪ بزنس ٽرين لاهور کان ڪراچي جي وچ ۾ هلندي ۽ لاهور کان ساڍا 18 ڪلاڪن ۾ ڪراچي پهچندي.











