لاهور – 29 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مسلم ليگ (ن) جي پراڻي ۽ فعال ڪارڪن حافظ نعمان جي گهر وڃي سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ پڻ ان موقعي تي ساڻس گڏ هو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ڏکويل خاندان سان دلي همدرديءَ جو …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران مسلم ليگ (ن) جي پراڻي ۽ فعال ڪارڪن حافظ نعمان سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت

مزید خبریں
لاهور – 29 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مسلم ليگ (ن) جي پراڻي ۽ فعال ڪارڪن حافظ نعمان جي گهر وڃي سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ پڻ ان موقعي تي ساڻس گڏ هو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ڏکويل خاندان سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته حافظ نعمان جي والد جو لاڏاڻو وڏو سانحو آهي، مرحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال وڏي عرصي تائين ڀرجي نه سگهبو. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. ان موقعي تي پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ موجود هئا جن مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو.











