ملڪ جي ترقيءَ جو راز تعليم ۾ لِڪل آهي: احسن اقبال

ڪراچي-28 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته تعليم ڪنهن به ملڪ ۽ معاشري جي ترقيءَ جي چاٻي آهي، تعليم هڪ طاقتور هٿيار آهي، جنهن ذريعي قومون ترقي ڪن ٿيون. هن اها ڳالهه ڪراچي ڪئنٽونمينٽ ۾ فيڊرل گورنمينٽ پبلڪ اسڪول ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. احسن اقبال تعليم جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته ڪئنٽ …

ڪراچي-28 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته تعليم ڪنهن به ملڪ ۽ معاشري جي ترقيءَ جي چاٻي آهي، تعليم هڪ طاقتور هٿيار آهي، جنهن ذريعي قومون ترقي ڪن ٿيون. هن اها ڳالهه ڪراچي ڪئنٽونمينٽ ۾ فيڊرل گورنمينٽ پبلڪ اسڪول ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. احسن اقبال تعليم جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته ڪئنٽ پبلڪ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اڪثر شاگردن جو تعلق وچولي گهراڻن ۽ هيٺئين طبقي جي گهراڻن سان آهي، اهي ئي نوجوان تعليم حاصل ڪري ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته ڪنهن قوم جي ڪاميابيءَ جو راز تعليم ۾ لِڪل آهي، اسان جي قومي سڃاڻپ اسان جو وطن آهي ۽ جنهن قوم جو ڪو وطن نه هجي ان جي آزادي ڪڏهن به يقيني نه ٿي سگهي. غزه ۾ انساني بحران ۽ والاريل ڪشمير جي صورتحال جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اُتي ٿيندڙ ظلم اسان جي اکين ۾ رت جا ڳوڙها آڻي رهي آهي. قومي دفاع جي حوالي سان ڳالهائيندي هن پاڪستان جي هٿياربند فوج جي بهادريءَ کي ساراهيو ۽ چيو ته اسان جي بهادر فوج دشمن جا حملا ناڪام بنايا ۽ آپريشن بنيان المرصوص ۾ ڀارت کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا ويا. هن چيو ته پاڪستان جيڪو هڪ وقت ۾ محدود وسيلن سان جدوجهد ڪري رهيو هو اڄ دنيا جي ستين ايٽمي طاقت آهي، جهڙيءَ طرح اسان جنگ جي ميدان ۾ ڀارت کي شڪست ڏني، اهڙيءَ طرح معيشت جي ميدان ۾ به پاڪستاني جهنڊو بلند ڪنداسين ۽ پنهنجي ذاتي زندگيءَ جو حوالو ڏيندي هن چيو ته منهنجو تعلق نه جاگيردار طبقي سان آهي ۽ نه ئي سرمائيدار طبقي سان آهي، اڄ مان وفاقي ڪابينه ۾ ان لاءِ ويٺو آهيان ته مون تعليم حاصل ڪئي. شاگردن کي مخاطب ٿيندي هن کين محنت ۽ لڳن سان تعليم حاصل ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ـ چيو ته هو به مستقبل ۾ ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

مزید خبریں