اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ هدايت ڪئي ته حياتياتي تحفظ، بائيو ٽيڪنالاجي ۽ـ ضابطه جاتي طريقيڪار تي ٻَڌل هڪ جامع پاليسي فريم ورڪ 90 ڏينهن اندر تيار ۽ لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ پائيدار زرعي ترقي ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بنائي سگهجي. هي هدايت هن پاڪستان ۾ جينياتي طور تي ترميم ٿيل (جي ايم …
ملڪ ۾ پائيدار زرعي ترقي ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ جامع پاليسي فريم ورڪ تيار ۽ لاڳو ڪيو وڃي: مصدق ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ هدايت ڪئي ته حياتياتي تحفظ، بائيو ٽيڪنالاجي ۽ـ ضابطه جاتي طريقيڪار تي ٻَڌل هڪ جامع پاليسي فريم ورڪ 90 ڏينهن اندر تيار ۽ لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ پائيدار زرعي ترقي ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بنائي سگهجي. هي هدايت هن پاڪستان ۾ جينياتي طور تي ترميم ٿيل (جي ايم او) سويابين ميل جي درآمد ۽ ان بابت ضابطه جاتي فريم ورڪ جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. وزارت مان جاري بيان موجب اجلاس دوران وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورا فيصلا مضبوط سائنسي شاهدين جي بنياد تي ڪيا وڃن. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڏني ته هو جامع تجزيو ڪن ته جيئن هي سمجهي سگهجي ته پاڪستان ۾ سويابين جي پيداوار ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ نمايان طور گهٽ ڇو آهي ۽ هي به معلوم ڪري سگهجي ته مقامي سطح تي تيار ڪيل سويابين ٻج ۽ ميل جي پيداواري لاڳت درآمد ٿيل متبادل جي ڀيٽ ۾ غير متناسب طور تي وڌيڪ ڇو آهي؟ اجلاس ۾ حياتياتي تحفظ جي امڪاني خدشن تي غور ڪيو ويو جن ۾ جينياتي مواد جي خارج ٿيڻ جا خطرا شامل آهن ۽ واضح حفاظتي پروٽوڪول جوڙڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ پروفيسر ڪوثر عبدالله ملڪ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا ايندڙ 10 ڏينهن ۾ ماهرن ۽ محققن سان قومي ڪانفرنس منعقد ڪندي ته جيئن ٻج ۽ بائيو ٽيڪنالاجيءَ بابت پاليسي سازيءَ لاءِ سائنسي رهنمائي فراهم ڪري سگهجي.











