اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) مالي سال 2025ع جي پڄاڻيءَ تي پاڪستان جي معيشت نمايان بحالي ۽ وڌندڙ مضبوطيءَ جا واضح ثبوت پيش ڪيا آهن جيڪو پائيدار معاشي نظم و نسق ۽ سڌارا جاتي قدمن جو نتيجو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان ماهوار آئوٽ لُڪ اپ ڊيٽ موجب مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ 2.68 سيڪڙو جي شرح سان واڌ ٿي اهي، جڏهن ته مهانگائي جي شرح ۾ …
معاشي بحاليءَ طرف اڳڀرائي، مالي سال 2025ع ۾ نمايان بهتري، مالي سال 2026ع لاءِ پائيدار ۽ جامع ترقيءَ جا هدف مقرر

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) مالي سال 2025ع جي پڄاڻيءَ تي پاڪستان جي معيشت نمايان بحالي ۽ وڌندڙ مضبوطيءَ جا واضح ثبوت پيش ڪيا آهن جيڪو پائيدار معاشي نظم و نسق ۽ سڌارا جاتي قدمن جو نتيجو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان ماهوار آئوٽ لُڪ اپ ڊيٽ موجب مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ 2.68 سيڪڙو جي شرح سان واڌ ٿي اهي، جڏهن ته مهانگائي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائيءَ سان 4.5 سيڪڙو تي اچي وئي جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن جي گهٽ ترين سطح آهي، هي بهتري وياج جي شرح ۾ گهٽتائي، مٽاسٽا جي ناڻي جي شرح ۾ استحڪام ۽ محتاط معاشي پاليسين عيوض ممڪن ٿي. سال 25ع دوران ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ 2.1 ارب ڊالرن جو سر پلس رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل 14 سالن ۾ پهريون ساليانو سر پلس ۽ 22 سالن ۾ سڀ کان وڏو سر پلس آهي. هيءَ ڪاميابي پرڏيهي کاتن ۾ بهتري، روانگي واپار ۽ ناڻي رسد ۾ واڌ ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ مستحڪم واڌ جي عڪاسي آهن. مالي نظم و ضبط کي برقرار رکندي جولاءِ کان مئي مالي سال 25ع دوران بجيٽ خسارو گهٽ ٿي 3.1 سيڪڙو تائين محدود رهيو جيڪو مالي نظم و نسق ۽ وسيلن جي مؤثر استعمال جو ڪامياب مثال آهي. ان مثبت معاشي اهڃاڻن مارڪيٽ جو اعتماد بحال ڪيو. ڪرنسي تي دٻاءُ کي گهٽ ڪيو ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جي راهه هموار ڪئي. مالي سال 26ع جي شروعات ترقيءَ جي پائيدار ۽ جامع ويزن سان ٿي، جنهن ۾ حڪومت جي ترجيحن ۾ مالي استحڪام کي برقرار رکڻ، محصولن ۾ واڌ، زرعي ۽ صنعتي شعبي جي جديد ڪاري، ڪاروباري ماحول جي بهتري، انساني وسيلن جي ترقي، سماجي تحفظ ۽ ماحولياتي پائيداري شامل آهن. توقع آهي ته مالي سال 26ع ۾ حقيقي جي ڊي پي ۾ 4.2 سيڪڙو جي شرح سان واڌ ٿيندي، جڏهن ته قيمتن ۾ استحڪام جو رجحان برقرار رهندو.











