عدم اعتماد اسان جو جهموري حق آهي، اسان اها ڪري ڏيکارينداسين: گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور-28 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته عدم اعتماد اسان جو جهموري حق آهي، اسان چيو هو ته 5 سينيٽر بڻائينداسين جيڪي ٺاهي ڏيکاريا، هاڻي اسان عدم اعتماد ڪري ڏيکارينداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ جيڪڏهن صوبائي حڪومت سمجهي ٿي ته کين ايف سي يا فوج جي ضرورت آهي ته هو گهرائي سگهن ٿا. خيبر …

پشاور-28 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته عدم اعتماد اسان جو جهموري حق آهي، اسان چيو هو ته 5 سينيٽر بڻائينداسين جيڪي ٺاهي ڏيکاريا، هاڻي اسان عدم اعتماد ڪري ڏيکارينداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ جيڪڏهن صوبائي حڪومت سمجهي ٿي ته کين ايف سي يا فوج جي ضرورت آهي ته هو گهرائي سگهن ٿا. خيبر پختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال سٺي نه آهي پر حڪومت مڃڻ لاءِ تيار ناهي. وزير اعليٰ علي امين گنڊاپور  جيڪڏهن ماڻهن کي پڪڙي رهيو آهي ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڇڏي رهيو آهي ته ان جو مطلب آهي ته ان جي رٽ موجود نه آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته توهان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو، اهو مناسب نه آهي ته توهان پنهنجي ڪوتاهيون ڪنهن ٻئي جي کاتي ۾ وجهو. توهان چئو ٿا فوج صوبي مان نڪري وڃي صرف پوليس ڪنٽرول ڪندي، ان ۾ شڪ ناهي ته پوليس باصلاحيت آهي پر انهن کي ڪيترو مضبوط ڪندا. هن چيو ته صوبي جي معاملن کي درست ڪرڻ لاءِ مرڪز ۽ صوبي کي هڪ پيج تي اچڻو پوندو. پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان احتجاجي تحريڪ جي حوالي سان هن چيو ته 5 ٰآگسٽ تي ڪجهه نه هوندو، اهو صرف هڪ شوشو ڇڏيو ويو آهي.

مزید خبریں