اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته رجب طيب اردوان مسلم دنيا جو مضبوط، بااصول ۽ جرئتمند اڳواڻ آهي جنهن نه رڳو ترڪيه جي تعمير ۽ ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو پر مسلمان امت جي آواز کي هر عالمي فورم تي موثر انداز ۾ اٿاريو، سندس قيادت جي دور ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ …
رجب طيب اردوان مسلم دنيا جو مضبوط، بااصول ۽ جرئتمند اڳواڻ آهي، سندس قيادت جي دور ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته رجب طيب اردوان مسلم دنيا جو مضبوط، بااصول ۽ جرئتمند اڳواڻ آهي جنهن نه رڳو ترڪيه جي تعمير ۽ ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو پر مسلمان امت جي آواز کي هر عالمي فورم تي موثر انداز ۾ اٿاريو، سندس قيادت جي دور ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا. غزه ۽ فلسطين جي مسلمانن جو آواز هر فورم تي اٿارڻ تي رجب طيب اردوان کي سلام پيش ڪريون ٿا. هو قومي زبان جي فروغ واري اداري ۾ ناليواري محقق، سينيئر صحافي ۽ ترڪيه ريڊيو اينڊ ٽيليويزن (ٽي آر ٽي) جي اردو سروس جي سربراهه ڊاڪٽر فرقان حميد جي ڪتاب ”رجب طيب اردوان – اسلامي دنيا جو ٽائيگر) جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.

تقريب ۾ ترڪيه، آذربائيجان، ترڪمانستان، قازقستان، ازبڪستان ۽ روانڊا جي معزز سفيرن، ناليواري محقق ڊاڪٽر فرقان حميد، ناليوارن صحافين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته رجب طيب اردوان جي قيادت ۽ خدمتن تي لکيل ان ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي آهي. صدر اردوان جي عوامي قيادت، بصيرت ۽ فلاحي ويزن کيس رڳو ترڪيه ئي نه پر مسلم دنيا جو قائد بڻائي ڇڏيو آهي. هن جسٽس اينڊ ڊيولپمينٽ پارٽي کي هڪ اهڙي پارٽي ۾ تبديل ڪيو جيڪا عوام سان ڳنڍيل آهي ۽ جنهن جون پاڙون معاشري جي بنيادن تائين پکڙيل آهن. هن چيو ته استنبول جي ميئر جي طور تي صدر اردوان جو دور ”سنهري دور“ سڏرائي ٿو جتي هن اعليٰ انتظامي صلاحيتن ۽ موثر طرز حڪمراني جو مثال قائم ڪيو.

هن چيو ته استنبول تهذيبي ۽ تاريخي شهر آهي جتي اوڀر ۽ اولهه گڏجن ٿا. هن چيو ته رجب طيب اردوان جهڙو عوامي اڳواڻ جڏهن هيٺئين سطح کان اڀري ٿو ته اهو عوام جي دلين سان ڳنڍجي قيادت ڪري ٿو. وفاقي وزير چيو ته صدر اردوان پاڪستان جو عظيم دوست آهي، سندس دور ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ عملي سگهه آئي، شهباز شريف جڏهن پنجاب جو وڏو وزير هو ته ان دور ۾ ترڪيه جي تعاون سان لاهور ميٽرو بس ۽ ويسٽ مئنيجمينٽ سميت ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿيا جيڪي ان دوستي جو عملي مثال آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپا تاريخي ۽ ڀائراڻي نوعيت جا آهن. تحريڪ خلافت ان دوستي جو هڪ شروعاتي نقطو آهي، 1947ع کان اڳ ئي ننڍي کنڊ جا مسلمان ترڪ ڀائرن سان ڳنڍيل هئا. اها هڪ اهڙي دوستي آهي جيڪا سرحدن کان مٿانهين آهي. هن چيو ته ترڪيه سدائين پاڪستان جي موقف جي کلي حمايت ڪئي آهي، ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ دوران ترڪ عوام پاڪستاني عوام سان جنهن محبت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو اها ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته قدرتي آفتون هجن، عالمي چئلينجز يا سياسي بحران، هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪيه پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي. هن صدر اردوان پاران فلسطين جي مظلوم عوام جي لاءِ اٿاريل آواز کي جرئتمنداڻو ۽ تاريخي قرار ڏيندي چيو ته صدر رجب طيب اردوان پناهگيرن جي لاءِ سدائين دروازا کوليا، پاڪستان پاڻ پناهگيرن جي تجربي مان گذريو آهي ۽ اسان کي خبر آهي ته ٻين جي لاءِ دروازا کولڻ ڪيترو اهم هوندو آهي. هن چيو ته صدر اردوان فلسطينين جي لاءِ هر عالمي پليٽ فارم تي آواز اٿاريو ڀلي اهو گڏيل قومون هجي، ڊي ايٽ سربراهه اجلاس هجي يا شنگهائي تعاون تنظيم هجي. هن چيو ته اسرائيل جي ڏاڍ دنيا آڏو آهي، فلسطينين جي لاءِ انساني امداد کي روڪڻ هڪ انسانيت سوز الميو آهي.

پاڪستان نه رڳو فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد موڪلي پر فلسطيني شاگردن کي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ تعليم جا موقعا پڻ فراهم ڪيا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هر فورم تي فلسطينين جي لاءِ آواز اٿاريو آهي. هن چيو ته صدر اردوان کي پاڪستان ۾ بي پناهه محبت ۽ عزت حاصل آهي ۽ هي ڪتاب صدر اردوان جي بصيرت افروز قيادت، فلاحي ويزن ۽ مسلمان امت جي لاءِ سندس ڪردار کي خراج تحسين آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام دل جي رشتي ۾ ٻڌل آهن ۽ اهو تعلق وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي ڪتاب جي ليکڪ، سينيئر صحافي ۽ ٽي آر ٽي اردو سروس جي سربراهه ڊاڪٽر فرقان حميد چيو ته صدر رجب طيب اردوان جي جدوجهد، فلاحي ويزن ۽ عوامي خدمت تي ٻڌل سياسي سفر رڳو ترڪيه جي تاريخ نه پر مسلمان دنيا جي لاءِ هڪ تحريڪ آهي. ڊاڪٽر فرقان حميد چيو ته اردوان جي قيادت ۾ ترڪيه دفاعي پاڻڀرائپ، اقتصادي استحڪام ۽ جمهوريت جي تحفظ جهڙن ميدانن ۾ تاريخي ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته اردوان جي شخصيت رڳو ترڪيه تائين محدود نه آهي پر سندس فڪر، نظريو ۽ جرئتمنداڻو موقف پوري امت جي لاءِ مشعل راهه آهي.

ڊاڪٽر فرقان حميد چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ روحاني، تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. صدر اردوان جي ڪوششن سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ وڌندڙ ويجهڙائپ، روحاني هم آهنگي، دفاعي تعاون ۽ ثقافتي هڪ جهڙائي کي به هن ڪتاب ۾ وڏي بهتر انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪتاب ۾ اردوان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ قائم دل ۽ جان جي تعلق جو به خوبصورت ذڪر ٿيل آهي. صدر اردوان نه رڳو پاڪستاني قيادت پر عوام سان پڻ روحاني تعلق قائم ڪيو آهي. سندس تقريرن ۾ علامه اقبال جي شاعري جو حوالو ڏيڻ، اصل ۾ پاڪستان سان سندس والهاڻي عقيدت جو ثبوت آهي.











