اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري حامد اصغر قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ صوماليه جي لاءِ او آءِ سي رابطا گروپ جي منعقد اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، مختلف شعبن ۾ تربيت، سامونڊي صلاحيتن جي فروغ، ڪراچي ۽ موغاديشو جي وچ ۾ سڌوسنئون شپنگ، دفاعي تعاون، طبي ويزا ۽ دواسازي ۽ صحت جي مصنوعات جي فراهمي جهڙن معاملن تي خيالن جي …
ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري حامد اصغر دوحه ۾ صوماليه جي لاءِ او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري حامد اصغر قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ صوماليه جي لاءِ او آءِ سي رابطا گروپ جي منعقد اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، مختلف شعبن ۾ تربيت، سامونڊي صلاحيتن جي فروغ، ڪراچي ۽ موغاديشو جي وچ ۾ سڌوسنئون شپنگ، دفاعي تعاون، طبي ويزا ۽ دواسازي ۽ صحت جي مصنوعات جي فراهمي جهڙن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري حامد اصغر دوحه ۾ صوماليه جي لاءِ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ڪانفرنس جي ضمني اجلاس ۾ صوماليه جي پرڏيهي وزير عبدالسلام عبدي علي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ تربيت، ساموندي صلاحيتن جي فروغ، ڪراچي ۽ موغاديشو جي وچ ۾ سڌوسنئون شپنگ، دفاعي تعاون، طبي ويزا ۽ دواسازي ۽ صحت جي مصنوعات جي فراهمي جهڙن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صوماليه جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي دعوت کي قبول ڪندي پاڪستان جي دوري تي راضپو ظاهر ڪيو.











