راولپنڊي -28 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ شهيد ٿيل ميجر زياد سليم جي رهائش تي ڪالهه پهتو، شهيد ميجر زياد سليم جي والده، ڀائرن، ۽ گهر ڀاتين سان ملاقات ڪري فاتحه خواني ڪئي. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب گهرو وزير محسن نقوي شهيد ميجر زياد سليم جي گهر ڀاتين سان دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه …
والد جي شهادت جي 20 ورهين بعد بهادر پٽ به وطن تي قربان، وفاقي گهرو وزير شهيد ميجر زياد سليم جي گهر پهتو سندس ڪٽنب جي حوصلي جي واکاڻ

مزید خبریں
راولپنڊي -28 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ شهيد ٿيل ميجر زياد سليم جي رهائش تي ڪالهه پهتو، شهيد ميجر زياد سليم جي والده، ڀائرن، ۽ گهر ڀاتين سان ملاقات ڪري فاتحه خواني ڪئي. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب گهرو وزير محسن نقوي شهيد ميجر زياد سليم جي گهر ڀاتين سان دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني به ڪئي ۽ ان موقعي تي گهرو وزير شهيد جي والده لاءِ چيو ته اوهان جهڙيون بهادر ۽ وڏي حوصلي واريون مائرون قوم جو فخر آهن. هن شهيد جي والده جي عظمت، حوصلي ۽ همت کي سلام پيش ڪندي چيو ته شهيد جي خاندان جي قربانين جو قرض قوم ڪڏهن به نٿي لاهي سگهي، محسن نقوي چيو ته شهيد ميجر زياد سليم جي بي مثال قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو، اوهان جي خاندان جو هر طرح جو خيال رکنداسين. شهيد ميجر زياد سليم جو آخري آڊيو پيغام سندس ڀاءُ گهرو وزير محسن نقوي کي ٻڌايو. شهيد جي والده ڳالهائيندي چيو ته شهادت کان ٿورو وقت اڳ ئي پٽ جي شادي ٿي هئي، کيس وطن سان عشق جنون جي حد تائين هو. هن چيو ته زخمي ٿيڻ باوجود زياد ساٿين کي بچائيندو رهيو. زخمن جي ڪا به پرواهه نه ڪئي. هن چيو ته مڙس کان پوءِ هاڻي پٽ به وطن تي قربان ٿي ويو آهي. شهيد جي والده چيو ته هميشه وطن ۽ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل رهيا آهيون ۽ رهنداسين. ميجر زياد سليم جو والد برگيڊيئر سليم به 2005ع ۾ مادر وطن تان قربان ٿي چڪو آهي. آءِ جي اسلام آباد پوليس، چيف ڪمشنر اسلام آباد به ان موقعي تي موجود هئا.











