اسلام آباد -28 جولاءِ (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي 29 جولاءِ تي اڱاري ڏينهن اي ڪچهري پي اي اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ منعقد ٿيندي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ڊي جي ۽ سندس ٽيم سڌيءَ ريت شڪايتون ٻڌندا، شڪايت ڪندڙ اي ڪچهري ۾ سڌيءَ ريت شڪايتون درج ڪرائي سگهندا. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان چيو ته شڪايت ۾ نالو، رابطي جو نمبر، ايئرپورٽ …
ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي اي ڪچهري 29 جُولاءِ تي ٿيندي

مزید خبریں
اسلام آباد -28 جولاءِ (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي 29 جولاءِ تي اڱاري ڏينهن اي ڪچهري پي اي اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ منعقد ٿيندي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ڊي جي ۽ سندس ٽيم سڌيءَ ريت شڪايتون ٻڌندا، شڪايت ڪندڙ اي ڪچهري ۾ سڌيءَ ريت شڪايتون درج ڪرائي سگهندا. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان چيو ته شڪايت ۾ نالو، رابطي جو نمبر، ايئرپورٽ جو نالو ۽ تفصيل ضرور شامل ڪيا وڃن، جيترو ممڪن هوندو مددگار دستاويزي ثبوت به شڪايت سان گڏ فراهم ڪيا وڃن. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان ٻڌايو ته اي ڪچهري اداري جي فيس بڪ پيج تي سڌيءَ ريت نشر ٿيندي، تبصري جي خاني ۾ مڪمل معلومات جي فراهمي شڪايت جي جلد ازالي ۾ مددگار ثابت ٿيندي.











