لياھه گٽيريز ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي مرڪز اولھه ايشيا ڊيپارٽمينٽ جي جنرل ڊائريڪٽر مقرر

اسلام آٻاد - 28 جولاءِ (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) لياھه گٽيريز کي اولھه ايشيا مرڪز جي جنرل ڊائريڪٽر طور مقرر ڪيو آھي. اي ڊي بي طرفان گذريل ڏينھن جاري ڪيل پڌارئي مطابق لياھه گٽيريز بئنڪ جي اسٽريٽجڪ ايجنڊه جي قيادت ڪندي ۽ 11 ملڪ جن مان افغانستان، آرمينيا، آذربائيجان، جارجيا، قازقستان، ڪرغزستان، پاڪستان، تاجڪستان، ترڪيه، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان شامل آھن سان گڏجي بينڪاري لاڳاپن کي …

اسلام آٻاد – 28 جولاءِ (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) لياھه گٽيريز کي اولھه ايشيا مرڪز جي جنرل ڊائريڪٽر طور مقرر ڪيو آھي. اي ڊي بي طرفان گذريل ڏينھن جاري ڪيل پڌارئي مطابق لياھه گٽيريز بئنڪ جي اسٽريٽجڪ ايجنڊه جي قيادت ڪندي ۽ 11 ملڪ جن مان افغانستان، آرمينيا، آذربائيجان، جارجيا، قازقستان، ڪرغزستان، پاڪستان، تاجڪستان، ترڪيه، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان شامل آھن سان گڏجي بينڪاري لاڳاپن کي اڳتي وڌائيندي، سندس مقرري تي عمل گذريل ڏينھن کان ٿي ويو آھي. پنھنجي بيان ۾ لياھه گٽيريز چيو ته مون کي ھن عھدي تي خدمتون انجام ڏيڻ تي فخر آھي، مان اسرندڙ ميمبر ملڪن ۽ ٻين شراڪتدارن سان شموليتي ترقي، علائقائي سھڪار ۽ پائيدار ترقي کي ھٿي ڏيڻ لاءِ پنھنجو ڪردار جاري رکنديس. لياھه گٽيريز کي 40 ورھين کان وڌيڪ بينڪ جي شعبي جو پيشوراڻو تجربو حاصل آھي، پنھنجي نئين مقرري کان اڳ ھوءَ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سيڪٽرز ڊيپارٽمينٽ 3 جي جنرل ڊائريڪٽر ھئي، جتي ھن فنانس، انساني ۽ سماجي ترقي ۽ پبلڪ سيڪٽر گورننس جي آپريشنز جي نگراني ڪري رھي ھئي. ھوءَ اي ڊي بي جي پيسفڪ ڊپارٽمينٽ جي جنرل ڊائريڪٽر به رھي چڪي آھي ۽ ھن بينڪ جي حڪمت عملي ، پاليسي ۽ شراڪت داري شعبن ڏکڻ اولهه ايشيا جي آفيس ۽ آفيس آف دي سيڪريٽري ۾ به اعليٰ عھدن تي خدمتون انجام ڏنيون آھن. لياھه گٽيريز جو تعلق فلپائن سان آھي، ھن يونيورسٽي آف پنسلوانيا (آمريڪا) مان اڪنامڪس ۾ پي ايڇ ڊي ۽ ماسٽرس جڏھن ته يونيورسٽي آف دي فلپائن مان بزنس اڪنامڪس ۾ بيچلرس ڊگري حاصل ڪئي آھي.

مزید خبریں