ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جو خطرو، اين ڊي ايم اي پاران گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير لاءِ الرٽ جاري

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي)نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ 28 کان 31 جولاءِ تائين امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جو الرٽ جاري ڪيو آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق گلگت بلتستان جي علائقن گلگت، اسڪردو، هنزه ۽ شغر ۾ سخت برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته …

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي)نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ 28 کان 31 جولاءِ تائين امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جو الرٽ جاري ڪيو آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق گلگت بلتستان جي علائقن گلگت، اسڪردو، هنزه ۽ شغر ۾ سخت برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير جي مظفر آباد، نيلم وادي ۽ باغ ۾ به برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. انهن برساتن سبب ندين جي نالن ۾ چاڙهه ۽ شهري علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. چترال وادي، بوني ۽ ريشن ۾ برساتن ۽ گليشيئرز  جي ڳرڻ  سبب چترال درياهه  جي وهڪري ۾ اضافي جو خدشو آهي. جابلو علائقن ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي اهلڪار، مشينري ۽ ريسڪيو ٽيمون تيار رکن. مقامي انتظاميه ۽ پي ڊي ايم ايز کي به وقت سر قدمن جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي، ته هو موسم جي تازي صورتحال، امڪاني خطرن ۽ احتياطي تدبيرن لاءِ اين ڊي ايم اي ڊزاسٽر الرٽ ايپ کان رهنمائي حاصل ڪن.

مزید خبریں