اسلام آباد -27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم جي بهادر سپوت ڪيپٽن سرور شهيد دشمن جي ڄمون ڪشمير تي جارحاڻي قبضي جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائيندي شهادت جو رتبو ماڻيو، مون سميت پوري قوم کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. پاڪ فوج جي جوانن هميشه مادر وطن جي دفاع کي پنهنجي جانين تي فوقيت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …
ڪيپٽن سرور شهيد دشمن جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائيندي شهادت جو درجو ماڻيو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد -27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم جي بهادر سپوت ڪيپٽن سرور شهيد دشمن جي ڄمون ڪشمير تي جارحاڻي قبضي جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائيندي شهادت جو رتبو ماڻيو، مون سميت پوري قوم کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. پاڪ فوج جي جوانن هميشه مادر وطن جي دفاع کي پنهنجي جانين تي فوقيت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ٿيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن سرور شهيد جي 77هين يوم شهادت تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مون سميت پوري قوم اڄ ملڪ جي پهرين نشان حيدر حاصل ڪندڙ ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي يوم شهادت تي کيس سندس جرئت ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته قوم جي بهادر سپوت ڪيپٽن سرور شهيد دشمن جي ڄمون ڪشمير تي جارحاڻي قبضي جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائيندي شهادت جو رتبو ماڻيو، سندس شجاعت هڪ اهڙو مثال قائم ڪيو جنهن تي عمل پيرا ٿيندي پاڪ فوج جي جوانن هميشه مادر وطن جي دفاع کي پنهنجي جانين تي فوقيت ڏني. پاڪستان جي غيرتمند قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي.











