هلندڙ سال زائرين کي اربعين لاءِ روڊ ذريعي عراق ۽ ايران وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي: وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي

اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير سيد محسن نقوي چيو آهي ته پرڏيهي وزارت، بلوچستان حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن سان وسيع صلاح مشوري کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته هلندڙ سال زائرين کي اربعين لاءِ روڊ ذريعي عراق ۽ ايران وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويند، اهو ڏکيو فيصلو عوام جي تحفظ ۽ قومي سلامتي جي مفاد ۾ ڪيو ويو آهي. سماجي …

اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير سيد محسن نقوي چيو آهي ته پرڏيهي وزارت، بلوچستان حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن سان وسيع صلاح مشوري کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته هلندڙ سال زائرين کي اربعين لاءِ روڊ ذريعي عراق ۽ ايران وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويند، اهو ڏکيو فيصلو عوام جي تحفظ ۽ قومي سلامتي جي مفاد ۾ ڪيو ويو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته زائرين اربعين ۾ شرڪت لاءِ هوائي سفر ڪري سگهندا. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ زائرين جي سهولت لاءِ وڌ کان وڌ اڏامن جو انتظام ڪيو ويندو.

مزید خبریں