شنگهائي -27 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان چين جي گواڊونگ گروپ جي باني ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي آءِ سي ٽي ۽ نيو انرجي سيڪٽرز ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهيون ڪيون. جاري ڪيل بيان موجب شنگهائي ۾ جاري گلوبل آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪانفرنس جي موقعي تي گواڊونگ گروپ جي باني ۽ چيئرمين مسٽر لوجي جي اڳواڻي ۾ هڪ ٽه رڪني وفد وفاقي وزير شزه فاطمه …
وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان گواڊونگ گروپ جي باني جي ملاقات

مزید خبریں
شنگهائي -27 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان چين جي گواڊونگ گروپ جي باني ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي آءِ سي ٽي ۽ نيو انرجي سيڪٽرز ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهيون ڪيون. جاري ڪيل بيان موجب شنگهائي ۾ جاري گلوبل آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪانفرنس جي موقعي تي گواڊونگ گروپ جي باني ۽ چيئرمين مسٽر لوجي جي اڳواڻي ۾ هڪ ٽه رڪني وفد وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان ملاقات ڪئي. وفد پاڪستان جي آءِ سي ٽي سيڪٽر خاص ڪري ٽيلي ڪميونيڪيشن ٽاورز، سيٽا سينٽرز ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ انفراسٽرڪچر جي شعبن م سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. مسٽر لوجي پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجنگ اسٽيشنز، سمارٽي حل ۽ جديد مٽيريل مينيوفيڪچرنگ جهڙن نيو انرجي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي خواهش جو به اظهار ڪيو. وفاقي وزير سيڙپڪاري جي تجويزن جي آجيان ڪندي گواڊونگ گروپ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ته جيئن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان وڌيڪ تفصيلي مشاورت ڪري سگهجي. هن وفد کي پاڪستان حڪومت طرفان مڪمل سهڪار ۽ سهولتن جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير زور ڀريو ته اهي قدم وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن ڊجيٽل نيشن پاڪستان جي موجب آهن، جنهن جو مقصد پاڪستان کي ٽيڪنالاجي، شموليتي ترقي ۽ جديد ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ذريعي ترقي جي نون رستن تي گامزن ڪرڻ آهي.











