اسلام آباد -27 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي مظفر آباد ۾ شهيد ميجر رب نواز جي رهائشگاهه تي پهچي شهيد ميجر رب نواز جي والد، ڀائرن ۽ ڪٽنب ڀاتين سان ملاقات ڪئي ۽ سندس شهادت تي ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير شهيد ميجر رب نواز جي بهادري ۽ شجاعت …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران مظفر آباد ۾ شهيد ميجر رب نواز جي رهائشگاهه تي آمد، ڪٽنب سان ملاقات ۽ تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -27 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي مظفر آباد ۾ شهيد ميجر رب نواز جي رهائشگاهه تي پهچي شهيد ميجر رب نواز جي والد، ڀائرن ۽ ڪٽنب ڀاتين سان ملاقات ڪئي ۽ سندس شهادت تي ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير شهيد ميجر رب نواز جي بهادري ۽ شجاعت کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وفاقي وزير شهيد ميجر رب نواز جي والد ۽ ڀاءُ جي حوصلي ۽ جذبي کي ساراهيو ۽ چيو ته جنهن قوم وٽ اوهان جهڙا بلند حوصلا رکندڙ والدين ۽ ڀائر هجن انهن کي دشمن شڪست نٿو ڏئي سگهي. محسن نقوي چيو ته ميجر رب نواز فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف بهادري سان وڙهندي قيمتي جان وطن تان قربان ڪئي. ميجر رب نواز قوم جو هيرو آهي ۽ اسان جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو، شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ هميشه گڏ بيهنداسين. محسن نقوي چيو ته شهيد پنهنجي قيمتي رت سان امن جي آبياري ڪئي آهي ۽ پوري قوم کي شهيدن جي عظيم قربانين تي فخر آهي. ميجر رب نواز ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان علائقي آواران ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي.











