ڪوئيٽا -26 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير چيو آهي، ته ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي انجام تائين پهچائينداسين، رياستي رٽ کي چئلينج ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بلوچستان حڪومت جي مڪمل سپورٽ جاري رکنداسين. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير جي صدارت ۾ امن امان سان لاڳاپيل خاص اجلاس ۾ فتنه …
رياستي رٽ کي چئلينج ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو: محسن نقوي

مزید خبریں
ڪوئيٽا -26 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير چيو آهي، ته ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي انجام تائين پهچائينداسين، رياستي رٽ کي چئلينج ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بلوچستان حڪومت جي مڪمل سپورٽ جاري رکنداسين. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير جي صدارت ۾ امن امان سان لاڳاپيل خاص اجلاس ۾ فتنه الهندوستان خلاف مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس، آءِ جي ايف سي نارٿ، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ، ڊي جي ليويز کان علاوه گهرو کاتي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سرفراز بگٽي امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ سيڪيورٽي قدمن تي بريفنگ ڏني. اجلاس دوران صوبائي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۽ ان ۾ درپيش رڪاوٽن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت آهي، ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انجام تائين پهچائينداسين. رياستي رٽ کي چئلينج ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. وفاقي گهرو وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بلوچستان حڪومت جي مڪمل سپورٽ جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان دشمن عنصرن لاءِ زمين تنگ ڪئي وئي آهي. وڏي وزير اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومت متفق آهن، ته هي جنگ سيڪيورٽي فورسز جي ناهي پر پوري قوم جي جنگ آهي، دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪيون ويون آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ رياستي ادارا مڪمل هم آهنگي سان سرگرم عمل آهن. سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جون قربانيون ضايع نه وينديون، هر قيمت تي امن قائم ڪيو ويندو.











