وفاقي وزير شزا فاطمه خواجا سان چين جي اداري پيس ڪيبل انٽرنيشنل نيٽ ورڪ جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد-26 جولاءِ (اي پي پي) شنگهائي ۾ جاري ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪانفرنس جي موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجا سان چين جي اداري پيس ڪيبل انٽرنيشنل نيٽ ورڪ جي وفد ملاقات ڪئي. جاري ڪيل پڌرائي موجب پيس ڪيبل جي وفد جي اڳواڻي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سن شياوهوا ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان  ۽ خطي وچ ۾ سب ميرين ۽ زميني آپٽيڪل فائبر ڪيبل ذريعي …

اسلام آباد-26 جولاءِ (اي پي پي) شنگهائي ۾ جاري ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪانفرنس جي موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجا سان چين جي اداري پيس ڪيبل انٽرنيشنل نيٽ ورڪ جي وفد ملاقات ڪئي. جاري ڪيل پڌرائي موجب پيس ڪيبل جي وفد جي اڳواڻي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سن شياوهوا ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان  ۽ خطي وچ ۾ سب ميرين ۽ زميني آپٽيڪل فائبر ڪيبل ذريعي ڊجيٽل رابطن کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. وفد پيس ڪيبل جي وسيع پورٽ فوليو تي روشني وڌي جنهن ۾ ميرين ۽ زميني فائبر ڪيبلز ۽ توانائي جو جديد حل شامل آهن، جڏهن ته اداري جي سالياني آمدني اٽڪل 24 ارب آمريڪي ڊالر ٻڌائي وئي. وفاقي وزير وفد کي وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن ڊجيٽل نيشن پاڪستان بابت آگاه ڪيو، ان ويزن تحت حڪومت جو هدف ايندڙ ٽن سالن ۾ هڪ ڪروڙ گهرن کي فائبر براڊ بينڊ سان ڳنڍڻ آهي، جڏهن ته موبائيل ٽاورز جي فائبرائزيشن 14 سيڪڙو مان وڌائي 60 سيڪڙو ڪرڻ ۽ وزيراعظم جي قيادت هيٺ سڌارن ذريعي رائيٽ آف وي جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ آهي. پيس ڪيبل کي پاڪستان ۾ ايف ٽي ٽي ايڇ نيٽ ورڪ جي قيام ۾ سيڙپڪاري، او ڊي اين مارڪيٽ ۾ داخلا ۽ زميني فائبر ڍانچي جا موقعا دريافت ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي. ان حوالي سان آءِ ٽي جي وفاقي وزارت سرڪاري شعبن سان مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.

مزید خبریں