خاص مددگار هارون اختر خان سان ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز اٿارٽي جي سي اي او اي ڊي خواجه جي ملاقات

اسلام آباد-26 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي، ته ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز اٿارٽي کي عالمي معيار مطابق ٿيڻ گهرجي ته جيئن سيڙپڪاري کي راغب ڪري سگهجي ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺرائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز اٿارٽي(اي پي زيڊ اي) جي نئين مقرر ٿيل چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اي ڊي خواجه سان ملاقات دوران ڪيو. …

اسلام آباد-26 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي، ته ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز اٿارٽي کي عالمي معيار مطابق ٿيڻ گهرجي ته جيئن سيڙپڪاري کي راغب ڪري سگهجي ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺرائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز اٿارٽي(اي پي زيڊ اي) جي نئين مقرر ٿيل چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اي ڊي خواجه سان ملاقات دوران ڪيو. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري پڌرائي مطابق هارون اختر خان، اي ڊي خواجه کي اي پي ايڊ اي جي سي اي او جي چارج سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران ڌرين اي پي زيڊ اي جي صلاحيت، درپيش موجوده چئلينجز ۽ اٿارٽي کي وڌيڪ چٽاڀيٽي ۽ اثرائتي بڻائڻ جي حڪمت عملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي وئي. هارون اختر خان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز اٿارٽي کي عالمي معيار مطابق ٿيڻ گهرجي ته جيئن سيڙپڪاري کي راغب ڪري سگهجي ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺرائي سگهجي. هن اٿارٽي جي ڪارڪردگي ۽ معيار کي عالمي معيار تائين وڌائڻ لاءِ بهترين سڌارا شروع ڪرڻ لاءِ سي اي او کي مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي.

مزید خبریں