پاڪستان عالمي فزڪس اولمپياڊ 2025ع ۾ ٽامي جو تمغو کٽي ورتو

اسلام آباد -26 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان 55هين عالمي فزڪس اولمپياڊ (آءِ پي ايڇ او) ۾ ٽامي جو تمغو حاصل ڪيو آهي، جيڪو ملڪ جي سائنسي سفر ۾ هڪ اهم ڪاميابي آهي. عالمي فزڪس اولمپياڊ 17 جولاءِ کان 25 جولاءِ دوران فرانس ۾ منعقد ٿيو. دي سائنس اسڪول ٽي چوڪ روات اسلام آباد جي شاگرد دانيال شهزاد حامد پاڪستان لاءِ ٽامي جو تمغو کٽي ورتو. ايس ٽي اي ايم  …

اسلام آباد -26 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان 55هين عالمي فزڪس اولمپياڊ (آءِ پي ايڇ او) ۾ ٽامي جو تمغو حاصل ڪيو آهي، جيڪو ملڪ جي سائنسي سفر ۾ هڪ اهم ڪاميابي آهي. عالمي فزڪس اولمپياڊ 17 جولاءِ کان 25 جولاءِ دوران فرانس ۾ منعقد ٿيو. دي سائنس اسڪول ٽي چوڪ روات اسلام آباد جي شاگرد دانيال شهزاد حامد پاڪستان لاءِ ٽامي جو تمغو کٽي ورتو. ايس ٽي اي ايم  اسڪول سسٽم سندر لاهور سان تعلق رکندڙ محمد بلال اعزازي ساراهه هاصل ڪئي، جڏهن ته فضائيه انٽر ڪاليج، پي اي ايف بيس نور خان راولپنڊي مان ايمن فاطمه باوقار اٿيلس ساليڊيٽريٽي آءِ پي ايڇ او  ايوارڊ حاصل ڪيو. ان ايوارڊ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ شموليت جي حوصلا افزائي لاءِ 5 هزار يورو جي تعليمي گرانٽ ۽ هڪ سال جي سرپرستي شامل آهي. پاڪستاني ٽيم کي ايس ٽي اي ايم ڪيريئر پروگرام اسپانسر ڪيو هو، جيڪو هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جو هڪ گڏيل تعاون آهي. ٽيم جي تربيت ۽ اڳواڻي پروفيسر ڊاڪٽر شاهد قمر ۽ ڊاڪٽر محمد عرفان ڪئي جن جو تعلق پي آءِ اي اي ايس سان آهي. پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي سربراهي ۾ پي آءِ اي اي ايس نيشنل سائنس ٽيلنٽ مقابلو ساليانو چئن شعبن ۾ منعقد ڪيو وڃي ٿو جنهن کي پي آءِ اي اي ايس 1995ع ۾ شروع ڪيو ۽ 2003ع کان باقاعدگي سان منعقد ڪيو وڃي ٿو. انهن مقابلن جو مقصد انٽرميڊيٽ سطح تي نوجوان ٽيلنٽ کي هٿي ڏيڻ ۽ کين عالمي سائنس اولمپياڊز ۾ شرڪت لاءِ تيار ڪرڻ آهي. هر سال سڄي پاڪستان جي 19 شهرن جي شاگردن کي نامزد ادارن ۾ اسڪريننگ ۽ تربيت ڏني وڃي ٿي. پي آءِ اي اي ايس شاگردن کي فزڪس-اين آءِ بي جي اي سي بيالاجي ۾ ايڇ اي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري ۾ ڪراچي يونيورسٽي، ۽ ڪامسيٽس لاهور ۾ رياضي جي تربيت ڏئي ٿو. هر مضمون ۾ بهترين 4 کان 6 شاگرد آءِ ايس او ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪن ٿا، جڏهن کان پاڪستان 2001ع ۾ آءِ پي ايڇ او  کان پوءِ ٻين اولمپياڊز ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي آهي. هن وقت تائين 365 کان وڌيڪ شاگرد عالمي سطح تي ملڪ جي نمائندگي ڪري چڪا آهن ۽ انهن 139 تمغا حاصل ڪيا آهن. ايس ٽي اي ايم ڪيريئر پروگرام تحت 240 کان وڌيڪ تربيتي ڪيمپون لڳايون ويون آهن جن مان اٽڪل 4500 شاگرد فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. آ3 پي ايڇ او ۾ هن سال جي ڪاميابي پاڪستان جي سائنسي مهارت کي هٿي وٺائڻ  ۽ عالمي پليٽ فارمز ذريعي پنهنجي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي عزم کي هٿي ڏئي ٿي.

مزید خبریں