شاماخي-25 جولاءِ (اي پي پي) موسيماتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ آذربائيجان جي شهر شاماخي ۾ رٿيل سربراهن جي وفد سطح جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. هي اجلاس اهم ماحولياتي معاملن تي عالمي قيادت کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيو ويو. وزارت مان جاري بيان موجب اجلاس کي خطاب ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ موسمياتي انصاف، مساوات ۽ عالمي اُتر ڏکڻ …
وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي آذربائيجان ۾ رٿيل سربراهن جي وفد سطح جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي

مزید خبریں
شاماخي-25 جولاءِ (اي پي پي) موسيماتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ آذربائيجان جي شهر شاماخي ۾ رٿيل سربراهن جي وفد سطح جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. هي اجلاس اهم ماحولياتي معاملن تي عالمي قيادت کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيو ويو. وزارت مان جاري بيان موجب اجلاس کي خطاب ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ موسمياتي انصاف، مساوات ۽ عالمي اُتر ڏکڻ وچ ۾ مضبوط تعاون جي فوري ضرورت تي زور ڀريو. هن پاڪستان جي ماحولياتي ڪمزوريءَ کي اجاگر ڪندي اُسرندڙ ملڪن لاءِ موسمياتي مالياتي معاونت، موافقت ۾ مدد ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي منتقليءَ کي اڻٽر قرار ڏنو. هن ترقي يافته ملڪن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پئرس معاهدي تحت ڪيل پنهنجن وعدن کي پاڙين ۽ موسمياتي ماليات کي شفاف، جامع ۽ هر ملڪ لاءِ آسانيءَ سان رسائي جوڳو بنائين. هن ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته پاڪستان هڪ پائيدار ۽ ماحولياتي لحاظ کان مضبوط مستقبل جي قيام لاءِ پُرعزم آهي ۽ عالمي ماحولياتي پاليسي جي جوڙجڪ ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو.











