اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي عملدارن تي ٻَڌل وفد ملاقات ڪئي. وفد مصنوعي ذهانت ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ ٻه طرفي سهڪار تي بريفنگ ڏني. خاص طور تي ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جي سهڪار سان پاڪستان ۾ اي آءِ ريسرچ سينٽرز جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي …
وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي عملدارن تي ٻَڌل وفد ملاقات ڪئي. وفد مصنوعي ذهانت ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ ٻه طرفي سهڪار تي بريفنگ ڏني. خاص طور تي ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جي سهڪار سان پاڪستان ۾ اي آءِ ريسرچ سينٽرز جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي لاهور ۽ ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي بابت تعليم ۽ تحقيق کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهڙو سهڪار اهم سنگ ميل آهي. شزه فاطمه خواجه چيو ته اسان کي خوشي آهي ته پاڪستاني شاگردن کي اعليٰ معيار جي اي آءِ ريسرچ ۽ ڊجيٽل مهارت تائين پهچ حاصل ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ٽي واري وزارت پاڪستان ۾ اي آءِ هبز، نيشنل اي آءِ پاليسي ۽ انٽرنيشنل پارٽنرشپس ذريعي هڪ مضبوط اي آءِ ايڪو سسٽم قائم ڪري رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڊجيٽل نيشنل پاڪستان جي ويزن تحت صحيح رُخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، جتي عالمي سهڪار کي قومي ترقيءَ جو محور بنايو پيو وڃي.











