اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، نواز شريف جي ويزن ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي خدمت جو سفر جاري رکنداسين. اهڙو اظهار هن مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي سينيئر نائب صدر راجا مشتاق منهاس سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو. ملاقات ۾ سردار فرحان …
پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو: وفاقي وزير محمد حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، نواز شريف جي ويزن ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي خدمت جو سفر جاري رکنداسين. اهڙو اظهار هن مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي سينيئر نائب صدر راجا مشتاق منهاس سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو. ملاقات ۾ سردار فرحان اعظم به شريڪ هو. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي موجوده سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير ڪشمير جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. راجا مشتاق منهاس ريلوي ۾ جدت تي وفاقي وزير کي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته نواز شريف ڪشمري عوام جي دلين ۾ وسي ٿو، وزيراعظم شهباز شريف ملڪ کي سياسي ۽ سفارتي بحران مان ڪڍيو. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ (ن) ليگ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهيندي.











