وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ جاري سهڪار جو جائزو ورتو ويو ۽ مستقبل ۾ تعاون جا وڌيڪ موقعا تلاش ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايف اي او جي وفد …

اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ جاري سهڪار جو جائزو ورتو ويو ۽ مستقبل ۾ تعاون جا وڌيڪ موقعا تلاش ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايف اي او جي وفد جي اڳواڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڊائريڪٽر اينيمل پروڊڪشن اينڊ هيلٿ ڊويزن ٿاناوت تيئنسن ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ ايف اي او جي نمائندا فلورنس رول به موجود هئي جيڪا پاڪستان ۾ پنهنجي چئن سالن جي مقرري مڪمل ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ايف اي او جي پُراڻن لاڳاپن تي ڳالهايو جنهن جي شروعات 1947ع ۾ ٿي هئي ۽ اڄ اها حصيداري ملڪ جي 94 ضلعن ۾ جاري مختلف منصوبن تي ٻَڌل آهي. وفاقي وزير ايف اي او جي خدمتن خاص ڪري زرعي شعبي کي عالمي بهترين طريقن، فني معاونت ۽ پاليسي سازيءَ ۾ تعاون فراهم ڪرڻ تي ساراهيو. هن ايف اي او جي نئين عالمي ورڪ پلان جي آجيان ڪئي جيڪا 194 ملڪن جي مشاورت سان تيار ڪئي وئي آهي ۽ ان تي عملدرآمد ۾ پاڪستان جي ڀرپور شموليت جي خواهش جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي جي بحالي، فوڊ سيڪيورٽي جي تحفظ ۽ ويليو ايڊڊ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. هن پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي متحرڪ ڪرڻ ۾ ايف اي او جي سهڪار کي ساراهيو. ٿاناوت تيئنسن پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ سيڪٽر ۾ بيپناهه صلاحيت کي اجاگر ڪيو ۽ بيمارين تي ضابطو، فوڊ سيفٽي ۽ روانگي واپار جي معيار ۾ بهتريءَ لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيو. مصر جي اين اي ايف ايس ايڪو خوراڪ جي تحفظ لاءِ هڪ اثرائتو ماڊل تسليم ڪيو ويو آهي جنهن مان پاڪستان سکڻ جو خواهشمند آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان جو هڪ فني وفد مصر جو دؤرو ڪندو ته جيئن اتي اختيار ڪيل بهترين پاليسين ۽ اداره جاتي ڍانچن جو مطالعو ڪري سگهجي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ايف اي او ۾ زراعت واري وزير جي نمائندگي موجود ناهي، جنهن کي جلد کان جلد بحال ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل جي بحاليءَ جي عزم کي ورجايو ۽ ان کي وزيراعظم جي ويزن موجب سائنس تي ٻَڌل زرعي ترقي سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چين ۽ يورپ جي ناليوارن تحقيقاتي ادارن سان تعاون وڌائڻ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير ايف اي او ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي محبوب جي ڪردار کي ساراهيو جنهن ٻه طرفي سفارتي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي اهو به ٻُڌايو ويو ته ڪورنا وبا دوران ايف اي او پاڪستان جي مدد لاءِ 20 ملين آمريڪي ڊالر فراهم ڪيا جن سان جانورن جي صحت جي نظام ۽ بيمارين کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت کي بهتر بنايو ويو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير ايف اي او سان پاڪستان جي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته پائيدار زراعت، لائيو اسٽاڪ جي ترقي ۽ خوراڪ جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي وٺرائي ويندي.

مزید خبریں