اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان چيني سفير جيانگ زيڊونگ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊجيٽل شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جاري ڪيل بيان موجب اها ملاقات آءِ ٽي واري وزارت ۾ ٿي، جتي ٻنهي ملڪن اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ پنهنجي ڊگهي مُدي جي حصيداريءَ کي مضبوط بنائڻ جي …
وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان چين جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان چيني سفير جيانگ زيڊونگ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊجيٽل شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جاري ڪيل بيان موجب اها ملاقات آءِ ٽي واري وزارت ۾ ٿي، جتي ٻنهي ملڪن اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ پنهنجي ڊگهي مُدي جي حصيداريءَ کي مضبوط بنائڻ جي عزم کي ورجايو. ڳالهين جي اهم نُڪتن ۾ سمارٽ سٽي منصوبا، مصنوعي ذهانت جا پروگرام ۽ وسيع فني سهڪار شامل هئا. وفاقي وزير پاڪستان جي ڊجيٽل ويزن کي اجاگر ڪيو جيڪو معيشت جي ترقي ۽ عوامي خدمتن جي بهتريءَ لاءِ ڊجيٽل ٽولز جي استعمال تي ٻَڌل آهي. چيني سفير پاڪستان جي ڊجيتل ترقيءَ ۾ چين جي عملي معاونت ۽ مهارت جي مٽاسٽا جي خاطري ڪرائي. ملاقات دوران گڏيل منصوبن، علم جي مٽاسٽا ۽ ڊجيٽل معيشت جي اهم شعبن ۾ سگهه وڌائڻ جي امڪانن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي ڌُرين ٽيڪنالاجيءَ کي برابري جي ترقي جو ذريعو بنائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ گڏيل مفادن تي ٻَڌل انهن قدمن کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊجيٽل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.











