صدر آصف علي زرداري سان سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي جي ملاقات

اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ، واپار، معيشت ۽ ثقافت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ شريڪ هو. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ، واپار، معيشت ۽ ثقافت تي …

اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ، واپار، معيشت ۽ ثقافت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ شريڪ هو. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ، واپار، معيشت ۽ ثقافت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. صدر چيو ته ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ٻنهي ملڪن لاءِ لاڀائتو آهي. هن چيو ته سعودي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب عالمي معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. آصف علي زرداري چيو ته مشڪل وقتن ۾ سعودي عرب جي مدد تي ٿورائتا آهيون. صدر خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پڻ ڏنو.

مزید خبریں