خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي صدر جي ملاقات

اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي صدر رحمت علي حسني گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران صوبي جي معاشي ترقي، ڪاروباري طبقي کي بهتر بينڪاري سهولتن جي فراهمي ۽ عوام لاءِ جديد مالياتي خدمتن جي دستيابي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي نيشنل بينڪ آف پاڪستان پاران صوبي ۾ …

اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي صدر رحمت علي حسني گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران صوبي جي معاشي ترقي، ڪاروباري طبقي کي بهتر بينڪاري سهولتن جي فراهمي ۽ عوام لاءِ جديد مالياتي خدمتن جي دستيابي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي نيشنل بينڪ آف پاڪستان پاران صوبي ۾ ڪاروباري طبقي ۽ عام شهرين لاءِ سهولتن ۾ بهتري وارن قدمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته صوبي جي معاشي ترقي ۾ بينڪاري جو اهم ڪردار آهي . رحمت علي حسني ان عزم جو اظهار ڪيو ته نيشنل بينڪ آف پاڪستان پاران خيبر پختونخواه جي عوام لاءِ جديد مالياتي سهولتون متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي ترقي لاءِ خاص قدم کنيا ويندا. 

مزید خبریں