اسلام آباد - 25 جولاءِ(اي پي پي) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موبائل ڪمپنين جي خراب سروس بابت معاملي کي سينيٽ جي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو. سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر شهادت اعواڻ جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ايوان کي ٻڌايو ته ملڪ جي ڪنهن علائقي ۾ جيڪڏهن فون سگنلز جو مسئلو ٿئي ٿو ته سيليولر ڪمپنيون …
موبائل فون ڪمپنين جي خراب سروس بابت معاملو سينيٽ جي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 جولاءِ(اي پي پي) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موبائل ڪمپنين جي خراب سروس بابت معاملي کي سينيٽ جي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو. سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر شهادت اعواڻ جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ايوان کي ٻڌايو ته ملڪ جي ڪنهن علائقي ۾ جيڪڏهن فون سگنلز جو مسئلو ٿئي ٿو ته سيليولر ڪمپنيون ان جو ازالو ڪنديون آهن، جڏهن ڪمپنين کي لائسنس ڏنو ويندو آهي ته انهن کي ان حوالي سان سمورن شرطن کان آگاهه ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته 2015ع جي ٽيلي ڪام پاليسي تي عمل بابت تفصيل وٺي ايوان کي آگاهه ڪيو ويندو، جيڪڏهن اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪليو وڃي ٿو ته اتي ان تي تفصيلي غور ڪري سگهجي ٿو جنهن بعد پينل آف پرزائيڊنگ آفيسرز جي ميمبر عرفان الحق صديقي معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو.











