سينيٽ پاران بي آءِ ايس پي تحت نشو نما پروگرام لاءِ رقم 2 ارب روپين مان وڌائي 21 ارب روپيا ڪرڻ جو معاملو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي

اسلام آباد - 25 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت نشو نما پروگرام لاءِ مختص ٿيل رقم 2 ارب روپين مان وڌائي 21 ارب روپيا ڪرڻ، مفتاح اسماعيل جي صنعت کي ٺيڪو ڏيڻ ۽ پيپرا رولز تي عمل نه ڪرڻ بابت معاملو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر انوشه رحمان، همايون مهمند، دنيش ڪمار ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب …

اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت نشو نما پروگرام لاءِ مختص ٿيل رقم 2 ارب روپين مان وڌائي 21 ارب روپيا ڪرڻ، مفتاح اسماعيل جي صنعت کي ٺيڪو ڏيڻ ۽ پيپرا رولز تي عمل نه ڪرڻ بابت معاملو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر انوشه رحمان، همايون مهمند، دنيش ڪمار ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ايوان کي ٻڌايو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت نشو نما پروگرام 2022ع ۾ شروع ڪيو ويو ۽ شروعاتي طور تي ان لاءِ 2 ارب روپيا رکيا ويا هئا. هن چيو ته ان پروگرام کي شروع ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته ڳورهارين عورتن ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت کي بهتر بڻائڻ لاءِ بهتر غذا مهيا ڪئي وڃي. بعد ۾ اها رقم وڌائي 21.5 ارب روپيا ڪئي وئي ۽ خوارڪ جي عالمي اداري کي خريداري جي ذميواري ڏني وئي. مفتاح اسماعيل جي انڊسٽري اسماعيل انڊسٽريز کي ان جي خريداري جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي ۽ ان ۾ پيپرا رولز جي پابندي ناهي ڪئي وئي، 2022ع کان هن وقت تائين 97 ارب روپيا ان پروگرام ۾ ورهايا ويا آهن، هن وقت تائين ان تي ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي ڇو جو بي آءِ ايس پي جو سسٽم ورلڊ فوڊ پروگرام تحت جوڙيو ويو هو، ان کي ئي ذميواري ڏني وئي هئي ته هو خريداري کي يقيني بڻائي. هن چيو ته نشو نما پروگرام لاءِ رقم 2 ارب روپين مان وڌائي 21 ارب روپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪابينا جي اجلاس ۾ نه ٿيو هو، ان وقت جي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل سال 23-2022ع جي بجيٽ ۾ ان جو اعلان ڪيو هو، جيڪڏهن اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪليو وڃي ٿو ته اسانکي ان تي ڪو اعتراض ناهي . پينل آف پرزائيڊنگ آفيسرز جي ميمبر عرفان صديقي چيو ته اهو انتهائي اهم پروگرام ۽ حساس معاملو آهي ان لاءِ اهو معاملو ڪميٽي کي موڪليو وڃي ٿو، اتي ان تي مڪمل غور ڪيو ويندو.

مزید خبریں