اسلام آباد - 25 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع جي جدت ڪاري بابت ماتحت ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ اسڪاٽ جيڪبز، بورڊ آف انويسٽمينٽ، ايس اي سي پي ۽ او آءِ سي سي جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن، ريگوليٽري سڌارن ۽ ان لسٽيڊ ڪمپنين …
هارون اختر جي صدارت هيٺ ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع جي جدت ڪاري بابت ماتحت ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع جي جدت ڪاري بابت ماتحت ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ اسڪاٽ جيڪبز، بورڊ آف انويسٽمينٽ، ايس اي سي پي ۽ او آءِ سي سي جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن، ريگوليٽري سڌارن ۽ ان لسٽيڊ ڪمپنين جي رجسٽريشن کي آسان بڻائڻ تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. هارون اختر خان چيو ته سخت قانونن سبب ماڻهو پنهجون ڪمپنييون رجسٽر ڪرائڻ کان پاسو ڪندا آهن جيڪو معيشت لاءِ نقصان ده آهي. هن چيو ته ڪاروبار ۾ درپيش ڏکيائين، دير ۽ حد کان وڌيڪ ريگيوليشنز نجي شعبي لاءِ سنگين چئلينج بڻجي چڪا آهن. هن زور ڀريو ته ان لسٽڊ ڪمپنين جي ڪارپوريٽ گورننس کي ڪارپوريٽ باءِ لاز ۽ ڪمپني جي آرٽيڪلز آف ايسو سي ايشن ذريعي طئي ڪرڻ گهرجي ته جيئن ريگوليٽري بار ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. ان مطابق موجوده ايڪٽ ۾ اڪثر حدون ۽ رڪاوٽون اهڙيون آهن جيڪي جديد ڪارپوريٽ ڍانچن کي اختيار ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آهن. اجلاس ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ تجويز ڪيل سڌارن تي ٻڌل سفارشون پيش ڪيون جيڪي ايندڙ اجلاس ۾ قطعي منظوري لاءِ غور هيٺ آنديون وينديون.











