اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين سان پاڪستان جي واپاري حصيداري کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته يورپي يونين پاڪستان جي سڀ کان وڏي واپاري حصيدارن مان هڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يورپي يونين جي سفير رينا ڪيونڪا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يورپي يونين …
وزيراعظم پاران يورپي يونين سان پاڪستان جي واپاري حصيداري اهم قرار

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين سان پاڪستان جي واپاري حصيداري کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته يورپي يونين پاڪستان جي سڀ کان وڏي واپاري حصيدارن مان هڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يورپي يونين جي سفير رينا ڪيونڪا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يورپي يونين جي سفير کي پاڪستان ۾ پنهنجي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان تڪميل تي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن جي مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا، وزيراعظم پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ دوران يورپي يونين پاران مدد کي يقيني بڻائڻ ۾ سندس ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان جي سڀ کان وڏي واپاري حصيدارن مان هڪ جي طور تي يورپي يونين جي اهميت کي اجاگر ڪندي جي ايس پي پلس اسڪيم جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪا ڌرين جي لاءِ گڏيل لاڀائتي ثابت ٿي. وزيراعظم يورپي يونين ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊير ليين جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو ساڻس جلد ملاقات جو منتظر آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ملڪي سياسي اڳڀرائي سميت اهم معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. يورپي يونين جي سفير پاڪستان ۾ قيام دوران ملندڙ تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته يورپي يونين پاڪستان سان پنهنجي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم جي نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيندي هن چيو ته هو برسلز ۾ پنهنجي ايندڙ اسائنمنٽ ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي مضبوط لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جاري رکندو.











