اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر عافيه صديقي جي معاملي تي حڪومت پاران هر ممڪن قانوني ۽ سفارتي مدد فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريندي قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. …
وزيراعظم پاران ڊاڪٽر عافيه صديقي جي معاملي تي قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر عافيه صديقي جي معاملي تي حڪومت پاران هر ممڪن قانوني ۽ سفارتي مدد فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريندي قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڊاڪٽر عافيه صديقي جي معاملي ۾ ڪنهن به طور تي غافل نه آهي، حڪومت پاران اڳ ۾ به ڊاڪٽر عافيه صديقي جي معاملي ۾ سفارتي ۽ قانوني مدد فراهم ٿيندي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي ڊاڪٽر عافيه صديقي جي معاملي ۾ اڃا به حڪومت پاران هر ممڪن قانوني ۽ سفارتي مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم ان معاملي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي جي لاءِ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت ۾ هڪ ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي، ڪميٽي ڊاڪٽر فوزيه صديقي سان ان حوالي سان رابطي ۾ رهندي ۽ گهربل ممڪن مدد جي لاءِ ڪم ڪندي. واضح رهي ته وزيراعظم اڳ ۾ به ان وقت جي آمريڪا جي صدر جو بائيڊن کي ڊاڪٽر عافيه صديقي جي حوالي سان خط لکيو هو.











